پاڪستان جي امدادي ٽيم خاص جهاز سي 130 ذريعي ڪولمبو پهچي وئي

ڪولمبو-03 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان جي خصوصي جهاز سي 130 ذريعي موڪليل امدادي ٽيم ڪولمبو پهچي وئي، امدادي ٽيم وزيراعظم جي خاص هدايتن تي سريلنڪا ۾ تازي ٻوڏ ۾ مدد لاءِ موڪلي وئي آهي. ڪولمبو ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر ميجر جنرل فهيم العزيز ۽ سريلنڪن ڊپٽي منسٽر پورٽ پاڪستاني ريسڪيو ٽيم جي آجيان ڪئي. پاڪستاني سفير پاڪستان حڪومت طرفان موڪليل خصوصي ٽيم کي هر ممڪن سهڪار جي خاطري …

ڪولمبو-03 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان جي خصوصي جهاز سي 130 ذريعي موڪليل امدادي ٽيم ڪولمبو پهچي وئي، امدادي ٽيم وزيراعظم جي خاص هدايتن تي سريلنڪا ۾ تازي ٻوڏ ۾ مدد لاءِ موڪلي وئي آهي. ڪولمبو ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر ميجر جنرل فهيم العزيز ۽ سريلنڪن ڊپٽي منسٽر پورٽ پاڪستاني ريسڪيو ٽيم جي آجيان ڪئي. پاڪستاني سفير پاڪستان حڪومت طرفان موڪليل خصوصي ٽيم کي هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائيندي چيو ته پاڪستان هميشه سريلنڪا سان هر مشڪل وقت ۾ گڏ بيٺل آهي ۽ بيٺل رهندو. ٻوڏ متاثرن لاءِ پاڪستان حڪومت طرفان جلد 200 ٽن امداد سمنڊ رستي به پهچي ويندي.