پشاور- 03 ڊسمبر(اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، ڊي آءِ خان جي علائقي پنياله ۾ پوليس وين جي ويجهو ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي ڌماڪي ۾ 3 پوليس اهلڪارن جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان مطابق خيبر پختونخوا جي گورنر، شهيد پوليس اهلڪارن جي ڏکويل ڪٽنبن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي ۽ زخمين …
خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي پاران ڊي آءِ خان ۾ پوليس وين جي ويجهو ڌماڪي جي مذمت

مزید خبریں
پشاور- 03 ڊسمبر(اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، ڊي آءِ خان جي علائقي پنياله ۾ پوليس وين جي ويجهو ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي ڌماڪي ۾ 3 پوليس اهلڪارن جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان مطابق خيبر پختونخوا جي گورنر، شهيد پوليس اهلڪارن جي ڏکويل ڪٽنبن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. گورنر چيو ته شهيدن جي وارثن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان، دهشتگرد عنصر خيبر پختونخوا جي امن ۽ انسانيت جا دشمن آهن. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوليس اهلڪارن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. بي گناهه ماڻهن جو ناحق رت واهڻ وارن دهشتگردن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو.











