ڪراچي-03 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ ويٽ گروئرز سپورٽ پروگرام 2025ع کي هڪ فليگ شپ ۽ اهم منصوبو قرار ڏيندي سنڌ بئنڪ کي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته تصديق، اڪائونٽ ايڪٽيويشن ۽ ادائگين جي عمل ۾ وڌيڪ تيزي آندي وڃي. اهڙو اظهار هن سي ايم هائوس ۾ ويٽ گروئرز سپورٽ پروگرام 2025ع جي جائزي واري اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس …
سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت ۾ ويٽ گروئرز سپورٽ پروگرام 2025ع جو جائزي وارو اجلاس منعقد

مزید خبریں
ڪراچي-03 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ ويٽ گروئرز سپورٽ پروگرام 2025ع کي هڪ فليگ شپ ۽ اهم منصوبو قرار ڏيندي سنڌ بئنڪ کي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته تصديق، اڪائونٽ ايڪٽيويشن ۽ ادائگين جي عمل ۾ وڌيڪ تيزي آندي وڃي. اهڙو اظهار هن سي ايم هائوس ۾ ويٽ گروئرز سپورٽ پروگرام 2025ع جي جائزي واري اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس دوران وڏي وزير آبادگارن کي وقت سر سهڪار فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ اڪائونٽن جي تيز رفتار ايڪٽيويشن ۽ فنڊز جي منتقلي کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون. هن سنڌ بئنڪ کي هدايت ڪئي ته تصديق، اڪائونٽ ايڪٽيويشن ۽ ادائگين جي اجرائي عمل ۾ وڌيڪ تيزي آندي وڃي ڇاڪاڻ تہ ڊي اي پي ڀاڻ سبسڊي جي دير سان ادائگي سبب ڪيترائي آبادگار اهم پوکائي جو وقت وڃائي چڪا آهن۔ وڏي وزير چيو ته هن پروگرام تحت سڄي سنڌ مان 4 لک 875 آبادگار جيڪي 1 کان 25 ايڪڙ تائين زمينون پوکين ٿا، فيلڊ آفيسرن جي مدد سان رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن. انهن مان 3 لک 38 هزار 192 رجسٽريشنون منظور ٿي چڪيون آهن، جيڪي پروگرام جي وڏي اثراندازي کي ظاهر ڪن ٿيون. نومبر جي آخر تائين اڪائونٽ ايڪٽيويشن ۽ فنڊ ٽرانسفر جو عمل جاري هو ۽ 10 هزار اڪائونٽ کُلي چڪا هئا. سنڌ بئنڪ کي هدايت ڪئي وئي ته ايڪٽيويشن ۾ وڌيڪ تيزي آندي وڃي، فنڊز جي منتقلي جلد ڪئي وڃي، فائدو کڻندڙن کي وقت سر اطلاع ڏنو وڃي، رقم ڪڍرائڻ بابت باقاعده اپڊيٽ فراهم ڪيو وڃي ۽ زراعت کاتي سان روزانو بنيادن تي ڊيٽا شيئر ڪيو وڃي. ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ لاءِ هاڻي بئنڪن ۽ زراعت کاتي وچ ۾ روزاني ڊيٽا شيئرنگ معمول بڻائي وئي آهي. وڏي وزير ريئل ٽائيم مانيٽرنگ ڊيش بورڊ جو به جائزو ورتو ۽ پروگرام جي وقت سر مڪمل ٿيڻ لاءِ شخصي نگراني جاري رکڻ جو عزم ٻيهر ظاهر ڪيو. هن صوبائي حڪومت جي ان عزم کي به ورجايو ته پوکائي جي اهم موسم ۾ آبادگارن کي ڀاڻ خريد ڪرڻ لاءِ مڪمل سهڪار فراهم ڪيو ويندو. سمورن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي ته هو مڪمل ڌيان سان ڪم جاري رکن ۽ مقرر وقت اندر پروگرام جي مقصدن جي پورهائي لاءِ باقاعده اڳڀرائي رپورٽون جمع ڪرائين. اجلاس ۾ زراعت وارو صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مهر، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، سيڪريٽري ٽو سي ايم عبدالرحيم شيخ، سيڪريٽري زراعت محمد زمان ناريجو، سنڌ بئنڪ جو صدر انور شيخ ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر موجُود هئا.











