اسلام آباد- 03 ڊسمبر(اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينئر اڳواڻ ۽ سينيٽر وقار مهدي گورنر هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال، آئيني معاملن ۽ اين ايف سي ايوارڊ سميت گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي اهم معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گورنر آفيس مان جاري بيان مطابق ٻنهي اڳواڻن، ملڪ ۾ جمهوري ادارن جي …
ڪي پي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان پ پ پ جي سينيٽر وقار مهدي جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد- 03 ڊسمبر(اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينئر اڳواڻ ۽ سينيٽر وقار مهدي گورنر هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال، آئيني معاملن ۽ اين ايف سي ايوارڊ سميت گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي اهم معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گورنر آفيس مان جاري بيان مطابق ٻنهي اڳواڻن، ملڪ ۾ جمهوري ادارن جي استحڪام، مختلف آئيني معاملن تي اڳڀرائي ۽ بين الصوبائي هم آهنگي سان لاڳاپيل معاملن تي پنهنجي موقف جو اظهار ڪيو. اين ايف سي ايوارڊ جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ۾ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ ۽ صوبن جي مالي ضرورتن جو موضوع بحث هيٺ آيو.











