ڪي پي ڪي جي وڏي وزير پاران ڊي آءِ خان ۾ پوليس موبائيل تي ٿيل حملي جي مذمت

پشاور -03 ڊسمبر (اي پي پي)خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمد سهيل آفريدي گذريل ڏينهن ڊي آءِ خان ۾ پوليس موبائيل تي بم ڌماڪي  جي شديد مذمت ڪندي حملي ۾ شهيد ٿيل 3 پوليس اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعليٰ هائوس پشاور جي ترجمان موجب وڏي وزير چيو ته شهيد اي ايس آءِ گل عالم، شهيد سپاهي رفيق ۽ ڊرائيور سخي جان حياتين جو …

پشاور -03 ڊسمبر (اي پي پي)خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمد سهيل آفريدي گذريل ڏينهن ڊي آءِ خان ۾ پوليس موبائيل تي بم ڌماڪي  جي شديد مذمت ڪندي حملي ۾ شهيد ٿيل 3 پوليس اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعليٰ هائوس پشاور جي ترجمان موجب وڏي وزير چيو ته شهيد اي ايس آءِ گل عالم، شهيد سپاهي رفيق ۽ ڊرائيور سخي جان حياتين جو نذرانو ڏئي قوم جو ڪنڌ فخر سان بلند ڪيو آهي. اسان جي پوليس جا جوان گهٽ وسيلن باوجود فرنٽ لائين تي دهشتگردي جو مقابلو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اها انتهائي بزدلاڻي  ڪارروائي آهي، دشمن عنصرن جي اهڙن حملن سان اسان جا حوصلا ڪمزور نه ٿيندا. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ وڌيڪ مضبوط عزم ۽  پوري طاقت سان جاري رهندي. هن شهيد پوليس اهلڪارن جي درجن جي بلندي ۽ پونئرن جي صبر لاءِ دعا به ڪئي.

مزید خبریں