ڪراچي-02 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سيف سٽي پروجيڪٽ ڪراچي کي جديد ٽيڪنالاجي جي بُنياد تي هڪ محفوظ شهر ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي جنهن ۾ جامع وڊيو نگراني شامل آهي، ڪچي جي علائقي ۾ ڪيل ڪارروائين دوران 71 ڏُوهارين هٿيار ڦٽي ڪري ڇڏيا آهن۔ وڏي وزير اها ڳالهه 52هين اسپيشلائيزد ڊيليگيٽس جي 47هين ابتدائي ڪمانڊ ڪورس …
سيف سٽي پروجيڪٽ ڪراچي کي جديد ٽيڪنالاجي جي بُنياد تي هڪ محفوظ شهر ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي: سيد مراد علي شاهه

مزید خبریں
ڪراچي-02 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سيف سٽي پروجيڪٽ ڪراچي کي جديد ٽيڪنالاجي جي بُنياد تي هڪ محفوظ شهر ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي جنهن ۾ جامع وڊيو نگراني شامل آهي، ڪچي جي علائقي ۾ ڪيل ڪارروائين دوران 71 ڏُوهارين هٿيار ڦٽي ڪري ڇڏيا آهن۔ وڏي وزير اها ڳالهه 52هين اسپيشلائيزد ڊيليگيٽس جي 47هين ابتدائي ڪمانڊ ڪورس جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چئي، جن جي اڳواڻي نائب ڪمانڊنٽ اين پي اي مسٽر سرفراز احمد فالڪي، پي ايس پي ڪري رهيا هئا ۽ هي وفد وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات لاءِ آيو هو. وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ پوليس کي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس هڪ جديد فورس ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ حڪومت جي وابستگي کي اُجاگر ڪيو. هن کاتي جي وڏي ڍانچي ڏانهن ڌيان ڇڪايو ۽ چيو ته 131850 اهلڪار 31 ضلعن، 8 زونن/رينجن ۽ 618 پوليس اسٽيشنن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن جن لاءِ سال جي بجيٽ 189.7 ارب رُپيا مقرر آهي. وڏي وزير ٻڌايو ته سنڌ پوليس 1843ع ۾ سر چارلس نيپيئر طرفان رائل آئيرش ڪانسٽيبلري جي ماڊل تي قائم ڪئي وئي جيڪا ننڍي کنڊ جي سڀ کان پراڻي پوليس فورس ۽ پاڪستان جي ٻي وڏي فورس آهي، انتظامي ۽ عملي مقصدن لاءِ پوليس جو نظام انسپيڪٽر جنرل آف پوليس جي هيٺ آهي جيڪو ڪراچي ۾ قائم مرڪزي پوليس آفيس جي نگراني ڪري ٿو. ڪارروائيون مختلف رينجن ۽ علائقن جهڙوڪ ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر وسيلي ڪيون وڃن ٿيون جڏهن ته سي ٽي ڊي ۽ ايس ايس يو جهڙا خاص يونٽ به ڪم ڪن ٿا. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته جديدڪاري جو مرڪز جديد ٽيڪنالاجي ۽ انفراسٽرڪچر آهي. وڏي وزير چيو ته هي هڪ فليگ شپ پروجيڪٽ آهي جيڪو ڪراچي کي محفوظ ۽ ٽيڪنالاجي بُنياد تي هلندڙ شهر بڻائڻ لاءِ جامع ويڊيو نگراني ۽ ڊيٽا تجزيي تي ٻڌل آهي. هن ۾ هاءِ ريزوليوشن سي سي ٽي وي ڪيمرائون شامل آهن جن ۾ فيس رڪگنيشن ۽ آٽو ميٽڪ نمبر پليٽ رڪگنيشن جون سهولتون موجود آهن. سڄي فوٽيج کي مرڪزي پوليس آفيس ۾ قائم ڪمانڊ، ڪنٽرول ۽ ڪميونيڪيشن سينٽر سي فور ۾ حقيقي وقت ۾ مانيٽر ڪيو وڃي ٿو. وڏي وزير موجب فِيز–وَن ۾ هاءِ سيڪيورٽي ريڊ زون ۽ ايئرپورٽ ڪوريڊور شامل آهن جڏهن ته فِيز–ٽو جلد ضلع ساؤٿ، ايسٽ ۽ ملير تائين وڌايو ويندو، جنهن ۾ هزارين وڌيڪ ڪيمرائون ۽ انٽيليجنٽ ٽريفڪ سسٽم ڪيمرائون اي–چالان لاڳو ڪرڻ لاءِ شامل ڪيون وينديون. ايس فور پروجيڪٽ (اسمارٽ/سيف سرويئلينس، سيڪيورٽي ۽ اسٽرٽيجڪ سپورٽ) کي سيف سٽي پليٽ فارم سان ڳنڍيو ويندو ته جيئن پوليس جي ڪارروائين کي وڌيڪ مؤثر بڻائي سگهجي۔ پوليس اسٽيشنن جي سسٽم جي آٽوميشن سان ايف آءِ آر ۽ ڪيس فائلن جو عمل ڊجيٽل ڪيو ويندو، جنهن سان شفافيت ۽ عوامي سهولت ۾ واڌارو ٿيندو. وڏي وزير ٻڌايو ته ابتدائي ڪچي جي علائقي جي ڪارروائي ۾ 71 ڏوهارين هٿيار ڦٽي ڪري ڇڏيا جيڪو پري پري وارين انتهائي ڏُکين علائقن ۾ منظم ڏوهاري ڪاررواين خلاف هڪ اهم اڳڀرائي آهي. انسدادِ منشيات مهم: پوليس فورس 1 جنوري کان 20 ڊسمبر تائين منشيات خلاف سرگرم آهي ته جيئن منشيات جي ڏوهن ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي. اهلڪارن جي ڀلائي لاءِ قدمن ۾ شهيد پيڪيجز، صحت ڪارڊ ۽ اهلڪارن جي ڪٽنب لاءِ اسڪالرشپس شامل آهن. وڏي وزير چيو ته هي جامع حڪمت عملي سنڌ ۾ عوامي تحفظ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ انفراسٽرڪچر، ٽيڪنالاجي ۽ فلاح جي سڌارن وسيلي سرڪاري عزم کي ظاهر ڪري ٿي۔آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، گھرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ ۽ سيڪريٽري وزيراعليٰ رحيم شيخ پڻ ان موقعي تي موجود هئا.











