سنڌ جي گورنر سان عمان جي قونصل جنرل سميع عبدالله سالم الخجاري جي وفد سميت ملاقات

ڪراچي-02 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان عمان جي قونصل جنرل سميع عبدالله سالم الخجاري وفد سميت گورنر هائوس ۾  اهم ملاقات ڪئي آهي. گورنر هائوس مان جاري ڪيل پريس رليز موجب وفد ۾ ڊپٽي قونصل جنرل ،عماني واپاري سيد فياض علي شاه، عمران صديقي ۽ ٻيون شخصيتون شريڪ هيون. ملاقات ۾ پاڪ – عمان تاريخي لاڳاپن، واپاري سهڪار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺائڻ تي …

ڪراچي-02 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان عمان جي قونصل جنرل سميع عبدالله سالم الخجاري وفد سميت گورنر هائوس ۾  اهم ملاقات ڪئي آهي. گورنر هائوس مان جاري ڪيل پريس رليز موجب وفد ۾ ڊپٽي قونصل جنرل ،عماني واپاري سيد فياض علي شاه، عمران صديقي ۽ ٻيون شخصيتون شريڪ هيون. ملاقات ۾ پاڪ – عمان تاريخي لاڳاپن، واپاري سهڪار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ۽ تعليم ، صحت ۽ ثقافتي رابطا مضبوط بنائڻ تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. گورنر سنڌ ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. قونصل جنرل پاران سنڌ ۾ سيڙپڪاري جي موقعن ۽ سازگار ماحول جي واکاڻ ڪئي وئي.

مزید خبریں