لاڙڪاڻو-02 ڊسمبر (اي پي پي) لاڙڪاڻو پريس ڪلب طرفان "سنڌي ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ صحافين اجرڪ، ٽوپيون ۽ سنڌي ويس وڳا پائي شرڪت ڪئي، جڏهن ته پروگرام ۾ سنڌ حڪومت جي ترجمان بلند خان جوڻيجو، وزير اعليٰ جي خاص مددگار خير محمد شيخ، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو شرجيل چنا، ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري سميت مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ شخصيتن، …
لاڙڪاڻو پريس ڪلب طرفان سنڌي ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-02 ڊسمبر (اي پي پي) لاڙڪاڻو پريس ڪلب طرفان "سنڌي ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ صحافين اجرڪ، ٽوپيون ۽ سنڌي ويس وڳا پائي شرڪت ڪئي، جڏهن ته پروگرام ۾ سنڌ حڪومت جي ترجمان بلند خان جوڻيجو، وزير اعليٰ جي خاص مددگار خير محمد شيخ، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو شرجيل چنا، ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري سميت مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ شخصيتن، سياسي سماجي اڳواڻن، صحافين ۽ ساڃاھ وندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ناليواري راڳي شيراز عباسي طرفان ڀٽائيءَ سرڪار جي وائي "ٻولي منهنجي ٻانڀڻياڻي” جهونگاري پروگرام جي باقاعده شروعات ڪئي وئي، جڏهن ته پريس ڪلب جي صدر نويد لاڙڪ، نائب صدر غلام مرتضيٰ ڪلھوڙو، جنرل سيڪريٽري عبدالقادر جاگيراڻي سميت سينيئر ۽ نوجوان صحافين توڙي پريس ڪلب جي ورڪرن طرفان آيل مهمانن جو آڌر ڀاءُ ڪندي کين سنڌ جي ثقافتي سوکڙي اجرڪ پارائي مان ڏنو ويو. پروگرام لاءِ اسٽيج ۽ پنڊال کي ڪنوار جيان سينگاريو ويو هو، اسٽيج تي پس منظر ۾ موهن جي دڙي جي آثارن جو چٽيل نقش، اسٽوپا، ڪنگ پريسٽ ۽ سمبارا جي مجسمن پروگرام جي خوبصورتيءَ کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. ان موقعي تي ناليواري فنڪاره سنڌ جي ڪوئل ديبا سحر، سريلي راڳي وقار ملاح، يڪتاري ۽ چپڙيءَ جي مشهور فنڪار جگر جلال، نامور فنڪارائن شبو لعل ۽ سونيا علي سرن جي ورکا ڪئي ۽ سنڌي قومي گيت ڳائي پنڊال ۾ ويٺل ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو، جڏهن ته مشهور مزاحيه فنڪارن ماما لالو ۽ خادم ٿهيم مزاحيه لطيفا ۽ ٽوٽڪا ٻڌائي ماڻهن کي کلائي کلائي کيرو ڪري ڇڏيو. لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي صدر نويد لاڙڪ پنهنجي آجياڻي خطاب ۾ آيل سڀني مهمانن کي ڀليڪار ڪندي چيو ته هن ايڪتا ثقافتي پروگرام ۾ زندگيءَ جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ مهمان موجود آهن، هر سال ايڪتا جو ڏهاڙو سنڌي ميڊيا جي ميزباني هيٺ منعقد ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته پهريون ڀيرو لاڙڪاڻو پريس ڪلب ثقافتي پروگرام منعقد ڪيو آهي، جنهن کي ڪلب جي سڀني عهديدارن ۽ صحافين گڏجي آرگنائيز ڪيو آهي. هن چيو ته ڊسمبر جو مهينو اچڻ سان سنڌي ماڻهن جو پنهنجي ثقافت کي ملهائڻ لاءِ جنون ۽ جذبو وڌي وڃي ٿو، ايندڙ 7 ڊسمبر تي شھر جي جناح باغ چوڪ تي ايڪتا ثقافتي عيد جي خوبصورت ۽ شاندار مک تقريب منعقد ڪئي ويندي، اڳ کان وڌيڪ جوش ۽ جذبي سان پنهنجي قومي عيد کي شهرين سان گڏجي ملهائينداسين.











