پشاور- 01 ڊسمبر(اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي لڪي مروت ۾ پوليس موبائيل تي دهشتگردن جي حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان مطابق گورنر حملي ۾ شهيد پوليس اهلڪار کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيد پوليس اهلڪار جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. هن حملي ۾ زخمي پوليس اهلڪارن جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن …
خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي پاران لڪي مروت ۾ پوليس موبائل تي دهشتگردن جي حملي جي شديد مذمت

مزید خبریں
پشاور- 01 ڊسمبر(اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي لڪي مروت ۾ پوليس موبائيل تي دهشتگردن جي حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان مطابق گورنر حملي ۾ شهيد پوليس اهلڪار کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيد پوليس اهلڪار جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. هن حملي ۾ زخمي پوليس اهلڪارن جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو به اظهار ڪيو. گورنر چيو ته خيبر پختونخوا پوليس دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪري رهي آهي. اهڙي بزدلاڻي حملي سان پوليس جو عزم ڪمزور نٿو ڪري سگهجي، امن جي قيام لاءِ شهيد پوليس اهلڪارن جون قربانيون رائيگان نه وينديون.











