ڪراچي-27 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايندڙ مالي سال لاءِ 1.018 ٽريلين رپين جي رڪارڊ ترقياتي بجيٽ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هن رڪارڊ رقم مان وڏي رقم 85.5 ارب رپيا، مڪاني حڪومت کاتي هيٺ ڪراچي جي وڏين ترقياتي منصوبن لاءِ رکي وئي آهي جن ۾ پاڻي ۽ نيڪال جون اهم اسڪيمون شامل آهن جنهن ۾ ڪي فور، ڪي ڊبليو ايس ايس …
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايندڙ مالي سال لاءِ 1.018 ٽريلين رپين جي رڪارڊ ترقياتي بجيٽ جو اعلان

مزید خبریں
ڪراچي-27 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايندڙ مالي سال لاءِ 1.018 ٽريلين رپين جي رڪارڊ ترقياتي بجيٽ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هن رڪارڊ رقم مان وڏي رقم 85.5 ارب رپيا، مڪاني حڪومت کاتي هيٺ ڪراچي جي وڏين ترقياتي منصوبن لاءِ رکي وئي آهي جن ۾ پاڻي ۽ نيڪال جون اهم اسڪيمون شامل آهن جنهن ۾ ڪي فور، ڪي ڊبليو ايس ايس آئي پي ٽو ، حب ڪينال، نوان برساتي نالا، ۽ ٻيون 228 اسڪيمون شامل آهن. اهڙو اعلان هن وزيراعليٰ هائوس ۾ صوبائي ترقياتي پورٽ فوليو 2025-26 جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. ان موقعي تي وڏي وزير چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه کي هدايت ڪئي ته هو انهن منصوبن جي اڳڀرائي جو مسلسل جائزو وٺي ۽ فنڊ وقت سر جاري ڪرائي۔ وڏي وزر چيو ته سنڌ حڪومت موسمياتي لچڪدار، جامع ۽ منصفاڻِي ترقي جي پابند آهي جيڪا عوامي خدمتن کي مضبوط ڪري ٿي، ڪمزور طبقي جي تحفظ کي يقيني بڻائي ٿي ۽ پائيدار ترقيءَ جي هدفن ڏانهن اڳڀرائيءَ کي تيز ڪري ٿي۔مراد علي شاهه چيو ته صوبائي ترقياتي حڪمت عملي جو مرڪز موسمياتي لچڪدار انفراسٽرڪچر جي تعمير آهي جنهن ۾ عمارتون، روڊ، ۽ رهائش شامل آهن؛ ٻوڏ متاثر تعليمي ۽ صحت جي سهولتن جي بحالي؛ زرعي قدر ۾ اضافي لاءِ ويليو چين کي مضبوط ڪرڻ ۽ موسمياتي موافقت رکندڙ طريقن کي هٿي ڏيڻ؛ زرعي، صنعتي ۽ شهري استعمال لاءِ آبپاشي ۽ پاڻي جي بچت واري نظام جي بهتري؛ محفوظ پيئڻ جي پاڻي ۽ جديد نيڪال خدمتن کي هٿي ڏيڻ ۽ شهرن ۽ ڳوٺن جي وچ ۾ رابطن جا سڌاراشامل آهن۔ هن وڌيڪ چيو شهري مرڪزن لاءِ ماس ٽرانزٽ سسٽم جي ترقي، سماجي تحفظ ۽ غربت ۾ گهٽتائيءَ جي پروگرامز کي هٿي ڏيڻ ۽ ايس ڊي جيز سان هم آهنگ جامع ترقي اسان جون اهم ترجيحون آهن.اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته اهم شعبن ۾ پاڻي، صفائي واش ۽ ميونسپل خدمتون شامل آهن۔ پي ايچ اي ڊي جون 293 اسڪيمون 85.5 ارب رپين جي لاڳت سان ڪراچي جا اهم منصوبا جهڙوڪ ڪي فور ،ڪي ڊبليو ايسايس آئي پي ٽو ، حب ڪينال، نوان برساتي نالا، ۽ بلديات کاتي جون 228 اسڪيمون شامل آهن۔ايس پي ايڇ ايف ذريعي 5100 ٻهارن لاءِ واش سهولتون پڻ شامل آهن۔ اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ورڪس اينڊ سروسز کاتي هيٺ 620 روڊن جا منصوبا جاري آهن۔ ڪراچي ۾ اهم منصوبا ڪورنگي ڪاز وي برج، نوان انڊرپاس، لياقت آباد ٽرانسفارميشن پيڪيج ۽ ڪلڪ پروگرام تحت اپ گريڊ شامل آهن۔ سنڌ فلڊ ايمرجنسي بحالي منصوبي تحت 970 ڪلوميٽر روڊن جي بحالي پڻ جاري آهي۔ بي آر ٽي ريڊ لائين ۽ يلو لائين جي تعمير، انٽرا سٽي بسن کي وڌائڻ ۽ عورتن لاءِ وڌيڪ برقي بائيڪون شامل آهن۔ وڏي وزير صوبائي وزير شرجيل ميمڻ کي وڌيڪ برقي بسون ۽ بائيڪون مهيا ڪرڻ لاءِ سمري پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي۔ سيڪريٽري ناڻي وڏي وزير کي ٻڌايو ته سنڌ سولر انرجي پراجڪٽ ۽ مختلف سولر هوم سسٽم پروگرامز لاءِ گهربل فنڊ جاري ڪيا ويا آهن۔ هي اسڪيم(25 ارب رپين) سان شروع ڪئي وئي آهي۔ وڏي وزير 86 ارب رپين جي سنڌ اسڪول ريهيبيليٽيشن منصوبي جو جائزو ورتو۔ٽي ايش ڪيو ڊي ايش ڪيو اسپتالن ۽ ٽراما سينٽرن کي وڌائڻ، وومين يونيورسٽي سکر، ميڊيڪل ڪاليجن ۽ نيون صحت سهولتون قائم ڪرڻ جا منصوبا پڻ پيش ڪيا ويا۔تعليم ۾ سڌارن ۽ ابتدائي سکيا جا قدم به پيش ڪيا ويا۔ وڏي وزير چيو ته هو جاري ڪم جو جائزو وٺڻ لاءِ دورا ڪندو ته جيئن رفتار ۽ معيار کي يقيني بڻائي سگهجي۔ وڏي وزير دنيا جي سڀ کان وڏي هائوسنگ تعميراتي پروگرام سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ افيڪٽيز جي ترقي جو جائزو ورتو۔ ٻڌايو ويو ته 20 لک تصديقون مڪمل ٿي چڪيون آهن، 15 لک بينڪ اڪائونٽ کلي چڪا آهن، 14 لک رقمون جاري ٿي چڪيون آهن ۽ 10 لک گهرن جا ٿنڀا ٺهي چڪا آهن۔ 6.5 لک گهر مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهن۔ مراد شاهه ٻڌايو ته هي منصوبو 10 لک روزگار پيدا ڪندو، 9 لک عورتن کي زمين جي مالڪي جا حق ملندا ۽ لڳ ڀڳ 20 لک متاثرن کي مالي شموليت حاصل ٿيندي۔ سنڌ ۾ 1.55 ارب ڊالر جا ترقياتي منصوبا جاري آهن جيڪي عالمي بئنڪ ۽ ٻين ساٿين جي سهڪار سان مڪمل ٿي رهيا آهن۔ انهن منصوبن ۾ ڳوٺن جي روڊن ۽ آبپاشيءَ جي بحالي، ننڍن ڊيمن جي تعمير، تعليم جي نظام ۾ سڌارا، زرعي ترقي، صحت ۽ آباديءَ جون خدمتون، سماجي تحفظ ۽ ٻوڏ متاثر انفراسٽرڪچر جي بحالي شامل آهن۔ وڏي وزير گھوٽڪي–ڪنڌڪوٽ پل، شاهراههِ ڀٽو ايڪسپريس، ڌاٻيجي انڊسٽريل زون، ماربل سٽي، پيپلز گرين ٽرانسپورٽ، ريوَرائن فارسٽيشن، پورٽ کان قيوم آباد ڪوريڊور، ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽس، انڊسٽريل انڪليوز ۽ ميڪينائيزيشن منصوبن جو جائزو ورتو۔چيف سيڪريٽري وڏي وزير کي ٻڌايو ته ڊيلٽا بليو ڪاربان منصوبو درياءِ سنڌ جي ڊيلٽا جي 225000 هيڪٽر ايراضيءَ تي پکڙيل آهي۔ منصوبن جا اهم نتيجا 127 ملين ٽن امڪاني اخراج ۾ گهٽتائي، 2021 تائين 3.1 ملين ويري فائيڊ ڪريڊٽس جي پيداوار ۽ 14.7 ملين ڊالر سنڌ حڪومت جي اڪائونٽ ۾ جمع ٿيڻ شامل آهن۔ وڏي وزير ٻڌايو ته هي منصوبو سالياني 15 کان 20 ملين ڊالر آمدني پيدا ڪندو۔ آخر ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه عھد ڪيو ته 2025–26 جي ترقياتي ايجنڊا سنڌ جي سمورن شهرين لاءِ، خوشحالي ۽ منصفاڻا موقعا يقيني بڻائيندو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي، اسپيشل سيڪريٽري ناڻو اصغر ميمڻ ۽ ٻيا آفيسر شرڪت ڪري رهيا هئا.











