ڪراچي-27 نومبر (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڪالهه اسپيڪر اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ ٿي گذريو. اسپيڪر اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا هندستاني بچاء واري وزير راج ناٿ جي سنڌ بابت بيان خلاف ايوان ۾ ٺهراءُ پيش ڪندي مطالبو ڪيو ته وفاقي حڪومت هيءَ ٺهراءُ دنيا کي موڪلي دنيا کي هندستان جي جارحاڻي ڪاررواين بابت آگاهه ڪري. …
سنڌ اسيمبلي جو اجلاس، هندستاني بچاءُ واري وزير کي ذهني مسئلو آهي: سنڌ جو وڏو وزير

مزید خبریں
ڪراچي-27 نومبر (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڪالهه اسپيڪر اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ ٿي گذريو. اسپيڪر اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا هندستاني بچاء واري وزير راج ناٿ جي سنڌ بابت بيان خلاف ايوان ۾ ٺهراءُ پيش ڪندي مطالبو ڪيو ته وفاقي حڪومت هيءَ ٺهراءُ دنيا کي موڪلي دنيا کي هندستان جي جارحاڻي ڪاررواين بابت آگاهه ڪري. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٺهراءُ تي اسيمبليءَ ۾ خطاب ڪندي چيو ته هندستاني بچاء واري وزير کي ذهني مسئلو آهي. هن ڪڏهن به سنڌو درياهه جو پاڻي نه پيتو آهي. قيامت تائين ڪو به سنڌ کي پاڪستان کان الڳ نٿو ڪري سگهي. مخالف ڌر جي اڳواڻ علي خورشيدي پنهنجي تقرير ۾ چيو ته هو ٺهراءُ جي مڪمل حمايت ڪري ٿو. هندستاني بچاء واري وزير اشتعال انگيزي پکيڙي آهي، جنهن جي هو سخت مذمت ڪري ٿو. تعليم واري وزير سردار شاهه، خطاب ڪندي چيو ته دنيا جي پهرين ڪتاب رگويد ۾ سنڌو ندي جي ڪناري بابت لکيل آهي جنهن بابت ھندو مذهب جو بنياد پيو. محمد فاروق، عامر صديقي، ريحان بندوڪڙا ۽ ٻين ميمبرن ٺهراءُ تي پنهنجا خيال ظاهر ڪيا ۽ ٺهراءُ متفقه طور تي منظور ڪيو ويو. ايوان ۾ سوالن جوابن دوران، ثقافت ۽ سياحت واري وزير ذوالفقار علي شاهه، مختلف ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته نيشنل ميوزيم اڃا تائين وفاق وٽ آهي ۽ موسيقي جي استادن جو معاملو عدالت ۾ آهي. جڏهن ته صحت واري وزير عذرا پيچوهو، ڊينگي جي مسئلي تي ڳالهائيندي چيو ته صوبي ۾ 93 هزار کان وڌيڪ ڊينگي کان بچاءُ جون ڪٽون فراهم ڪيون ويون آهن. اسپيڪر اويس قادر شاهه اجلاس اڄ جمعي تي صبح 10 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.











