پشاور - 27 نومبر(اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ۽ وڏي وزير محمد سھيل آفريدي ھنگو ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي دھشتگردن جي حملي جي مذمت ڪئي آھي. پشاور گورنر ھائوس جي ترجمان مطابق خيبرپختونخواهه جي گورنر شھيد ٿيل 3 پوليس اھلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ سندن درجن جي بلندي ۽ گھرڀاتين لاءِ صبر جي دعا ڪئي. گورنر حملي ۾ زخمي ٿيل پوليس اھلڪارن جي …
خيبرپختونخواه جي گورنر ۽ وڏي وزير پاران ھنگو ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي دھشتگردن جي حملي جي مذمت

مزید خبریں
پشاور – 27 نومبر(اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ۽ وڏي وزير محمد سھيل آفريدي ھنگو ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي دھشتگردن جي حملي جي مذمت ڪئي آھي. پشاور گورنر ھائوس جي ترجمان مطابق خيبرپختونخواهه جي گورنر شھيد ٿيل 3 پوليس اھلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ سندن درجن جي بلندي ۽ گھرڀاتين لاءِ صبر جي دعا ڪئي. گورنر حملي ۾ زخمي ٿيل پوليس اھلڪارن جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواھشن جو اظھار ڪيو. گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته خيبرپختونخواهه جي پوليس دھشتگردن جو بھادري سان مقابلو ڪري رھي آھي، پوليس جي شھيدن جون قربانيون ضايع نه وينديون. جڏهن ته خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمد سھيل آفريدي چيو ته دھشتگردن جو ڪو مذھب ناھي ۽ ان قسم جا بزدلاڻا حملا اسان جي عزم ۽ حوصلن کي ھرگز ڪمزور نه ٿا ڪري سگھن. وزيراعليٰ شھيد اھلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته شھيد اسان جي قوم جو فخر آھن ۽ انھن جو رت ڪڏھن ضايع نه ويندو. ھن شھيدن جي درجن جي بلندي ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪندي چيو ته صوبائي حڪومت مشڪل جي ھر گھڙي ۾ شھيدن جي ڪنٽب سان گڏ آھي. سھيل آفريدي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته دھشتگردي خلاف جنگ وڌيڪ مضبوط ارادي سان جاري رھندي ۽ امن جي قيام لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا ويندا. ھن چيو ته امن جي دشمنن جو حملو انتھائي مذمت جوڳو آھي ۽ دھشتگرد اسان جا ۽ پاڪستان جا گڏيل دشمن آھن. ھن چيو ته دھشتگرد ملڪ ۽ صوبي جو امن خراب ڪرڻ چاھين ٿا، اسان ڪنھن صورت ۾ دھشتگردن جي ارادن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. خيبرپختونخوا جي وزير اعليٰ محمد سھيل آفريدي چيو ته خيبرپختونخوا جي پوليس دھشتگردن جو بھادري سان مقابلو ڪري رھي آھي، پوليس جي شھيدن جون قربانيون ضايع نه وينديون.











