ڪراچي-14 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان جمعي ڏينهن سفارتي سطح تي اهم ملاقاتون ٿيون سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سي ايم هائوس ۾ هنگري، فرانس، نيدرلينڊس ۽ يورپي يونين جي سفيرن سان ٻه طرفي سهڪار، سيڙپڪاري، ورثي جي حفاظت ۽ سماجي ترقي بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي۔ سي ايم هائوس جي ترجمان موجب وڏي وزير هنگري جي سفير ڊاڪٽر …
سنڌ جي وڏي وزير سان سفارتي سطح جون اهم ملاقاتون، گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون

مزید خبریں
ڪراچي-14 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان جمعي ڏينهن سفارتي سطح تي اهم ملاقاتون ٿيون سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سي ايم هائوس ۾ هنگري، فرانس، نيدرلينڊس ۽ يورپي يونين جي سفيرن سان ٻه طرفي سهڪار، سيڙپڪاري، ورثي جي حفاظت ۽ سماجي ترقي بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي۔ سي ايم هائوس جي ترجمان موجب وڏي وزير هنگري جي سفير ڊاڪٽر زولٽان ورگا سان پاڻي جي صفائي، سالڊ ويسٽ منيجمينٽ، ماحوليات ۽ ٽيڪنالاجي ۾ سهڪار بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي۔ ڊپٽي هيڊ آف مشن ڊورا گنسبرگر ۽ آنرري قونصل جنرل مخدوم عمر شهريار پڻ ملاقات ۾ شامل هئا۔ ٻنهي ڌرين موئن جو دڙو، مڪلي، چوڪنڊي ۽ سنڌو تهذيب جي ٻين قديم ورثن جي ترقيءَ ۽ تحفظ بابت پڻ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وڏي وزير چيو سنڌ جا ماڻهو 5 هزار سال پراڻي سنڌو تهذيب جا وارث آهن، اسان جو ورثو انسانيت جي ابتدائي تاريخ سان جڙيل آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي جيڪا محبت، هم آهنگي ۽ بين المذاهب برداشت جو پيغام ڏئي ٿي۔ سنڌ ۾ صدين کان مختلف مذهبن جا ماڻهو ڀائپي سان گڏجي رهيا آهن۔ ٻنهي پاسن تعليم، ٽيڪنالاجي ۽ ماحوليات ۾ گڏيل ورڪنگ گروپ ٺاهڻ تي پڻ ڳالهايو۔ هنگري جي سفير سنڌ سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي۔ وڏي وزير فرانس جي سفير نڪولاگالي ۽ قونصل جنرل اليڪسي چاٽاهٽنسڪي سان آرڪيالاجي، ثقافت، سيڙپڪاري ۽ ڪيپيسيٽي بلڊنگ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي۔ پيرس جي ايشيائي تهذيبن جي عجائب گهر بابت پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي ۽ ثقافتي مٽاسٽا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو۔ فرانسيسي سفير سنڌ جي آرڪيالاجيڪل ورثي جي حفاظت ۾ خاص دلچسپي ظاهر ڪئي۔ وڏي وزير چيو سنڌ ۾ فرانسيسي ڪمپنين لاءِ خاص ڪري تجديد جوڳي توانائي ۽ شهري ترقي ۾ وڏا موقعا موجود آهن۔ هن زراعت ۽ کير جي شعبي ۾ گڏيل ڪم جي تجويز ڏني جنهن تي فرانس جي سفير خاص طور تي معدنيات جي شعبي ۾ سٺي دلچسپي ڏيکاري۔ وڏي وزير انويسٽمينٽ ڊپارٽمينٽ کي هدايت ڪئي ته ترجيحي منصوبن جي فهرست فرانسيسي سفارتخاني سان شيئر ڪئي وڃي۔انکانپوءِ وڏي وزير نيدرلينڊ جي سفير رابرٽ-يان سگرٽ، فرسٽ سيڪريٽري اليگزينڊر آڪربوم ۽ آنرري قونصل جنرل طارق خان سان ملاقات ڪئي۔ ملاقات ۾ ٻه طرفي معاشي سهڪار، پاڻي جي انتظام، زراعت، تجديد جوڳي توانائي ۽ تعليم تي ڌيان ڏنو ويو۔ وڏي وزير چيو ڪراچي هڪ وڏو بندرگاهي شهر آهي هتي سيڙپڪاري جا وڏا موقعا موجود آهن جڏهن ته سنڌ جو پي پي پي ماڊل دنيا جي بهترين ماڊلن مان هڪ آهي۔ هن ڊچ ڪمپنين کي صلاح ڏني ته هو مال کي پالڻ، کير ۽ ڊيري جي پيداوار، ۽ تجديد جوڳي توانائي ۾ موجود موقعن کي به ڄاڻين ۽ کين يقين ڏياريو ته سيڙپڪارن کي مڪمل سهولتون فراهم ڪيون وينديون. ڊچ سفير گهڻن شعبن ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ دلچسپي ظاهر ڪئي ۽ سنڌ جي واپاري ماحول جي ساراهه پڻ ڪئي. يورپي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه يورپي يونين جي سفير رائمونڊس ڪاروبلس سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ڌرين وچ ۾ ٻه طرفي لاڳاپا، سيڙپڪاري، ۽ جاري ترقياتي سهڪار تي ڳالهيون ٿيون۔ يورپي يونين جي سفير وڏي وزير کي آگاهه ڪيو ته يورپي سيڙپڪارن جو هڪ وفد جلد پاڪستان جو دورو ڪندو۔ وڏي وزير هن قدم کي ڀليڪار ڪندي چيو اسان يورپي سيڙپڪارن جو انتظار ڪري رهيا آهيون انهن جو دورو سنڌ ۾ نوان سيڙپڪاري معاهدا پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. ٻنهي ڌرين ماربل، گرينائيٽ، معدنيات ۽ ٻين قيمتي شعبن ۾ موقعن تي به بحث ڪيو۔ وڏي وزير سفير کي ٻوڏ متاثر ضلعن ۾ جاري بحالي جي ڪم بابت بريف ڪيو ۽ يورپي يونين جي مضبوط سهڪار جي ساراهه ڪئي يورپي يونين سنڌ ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. تعليم، صحت ۽ مهارت وڌائڻ وارن پروگرامز ۾ تعاون تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ ماڻهن جي وچ ۾ رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ويو۔ وڏي وزير مذهبي هم آهنگي جي گهري ثقافت کي اجاگر ڪندي چيو سڄي دنيا ۾ مذهب، فرقو يا قوميت جي بنياد تي تقسيم پيدا ٿيندي آهي پر سنڌ هميشه برداشت ۽ گڏيل زندگي جي سرزمين رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ واحد صوبو آهي جتي اقليتي برادريون عام سيٽن تي پڻ چونڊون وڙهنديون آهن۔ يورپي يونين جي سفير سنڌ جي جاري ترقياتي قدمن ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي ۽ ٻنهي ڌرين تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو عزم ورجايو۔ انهن ملاقاتن ذريعي سنڌ ۽ ان جا عالمي حصيدار هنگري، فرانس، نيدرلينڊس ۽ يورپي يونين سيڙپڪاري، ورثي جي حفاظت، ثقافت، تجديد جوڳي توانائي، زراعت، تعليم، پاڻي جي انتظام، ۽ اقتصادي ترقي ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو۔ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سڀني دورو ڪندڙ سفيرن کي يقين ڏياريو ته سنڌ حڪومت پرڏيهي سيڙپڪارن ۽ ترقياتي حصيدارن کي مڪمل سهولتون، شفافيت ۽ حفاظت فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي۔ملاقاتن ۾ صوبائي صلاحڪار سيّد قاسم نويد قمر، وڏي وزير جو سيڪريٽري عبدالرحيم شيخ، سينئر سفارتڪار، قونصل جنرل ۽ لاڳاپيل کاتن جا آفيسر پڻ موجود هئا.











