ڪراچي-14نومبر(اي پي پي)سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري جناح پوسٽ گريجويٽ ميڊيڪل سينٽر (جي پي ايم سي) جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شاهد رسول جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گورنر هائوس مان جاري پريس رليز موجب گورنر سنڌ چيو ته ڊاڪٽر شاهد رسول جون طب جي شعبي ۾ خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن ۽ سندس لاڏاڻو پاڪستان جي طبي حلقن لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي. هن …
سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري پاران جناح پوسٽ گريجويٽ ميڊيڪل سينٽر جي اي ڊي ڊاڪٽر شاهد رسول جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار

مزید خبریں
ڪراچي-14نومبر(اي پي پي)سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري جناح پوسٽ گريجويٽ ميڊيڪل سينٽر (جي پي ايم سي) جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شاهد رسول جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گورنر هائوس مان جاري پريس رليز موجب گورنر سنڌ چيو ته ڊاڪٽر شاهد رسول جون طب جي شعبي ۾ خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن ۽ سندس لاڏاڻو پاڪستان جي طبي حلقن لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي. هن چيو ته مرحوم جي پي ايم سي ۾ پنهنجي پيشيور صلاحيتن سچي نيت سان خدمتون نڀايون، جيڪي هميشه ياد رکيون وينديون. گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري دعا ڪئي ته الله تعاليَ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ ڪٽنب کي صبر عطا ڪري.











