حيدرآباد-13 نومبر (اي پي پي) لياقت يونيورسٽي اسپتال حيدرآباد ۽ ڄامشورو جي نئين مقرر ٿيل ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ (ايم ايس) ڊاڪٽر ارشاد حسين ڪاظمي چيو آهي ته اسان کي عوام جي اعتماد تي پورو لهڻو آهي، ڇو ته اسپتال ۾ مريض پنهنجي بهتر علاج جي اميد کڻي اچن ٿا ۽ اسان کي انهن مريضن کي مايوس ناهي ڪرڻو, اسپتال کي وڌيڪ اپگريڊ ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات محنت ۽ جستجو ڪرڻي …
ڊاڪٽر ارشاد حسين ڪاظمي لياقت يونيورسٽي اسپتال حيدرآباد ۽ ڄامشورو جي ايم ايس جي عهدي جي چارج سنڀالي ورتي

مزید خبریں
حيدرآباد-13 نومبر (اي پي پي) لياقت يونيورسٽي اسپتال حيدرآباد ۽ ڄامشورو جي نئين مقرر ٿيل ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ (ايم ايس) ڊاڪٽر ارشاد حسين ڪاظمي چيو آهي ته اسان کي عوام جي اعتماد تي پورو لهڻو آهي، ڇو ته اسپتال ۾ مريض پنهنجي بهتر علاج جي اميد کڻي اچن ٿا ۽ اسان کي انهن مريضن کي مايوس ناهي ڪرڻو, اسپتال کي وڌيڪ اپگريڊ ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات محنت ۽ جستجو ڪرڻي پوندي، جنهن سان ڪجهه ڏينهن ۾ اسپتال ۾ تبديليون نظر اينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه پنهنجي آفيس ۾ چارج وٺڻ کانپوءِ ايڊمنسٽريٽو آفيسرن ۽ شعبن جي انچارجن جي تعارفي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اي ايم ايس جنرل ڊاڪٽر محمد علي قائمخاني، اي ايم ايس جنرل ٽو ڊاڪٽر مجيب الرحمان ڪلوڙ، ڊائريڪٽر آئي سي يو ڊاڪٽر ڪاشف علي ميمڻ، اي ايم ايس ڊاڪٽر نفيس حيدر چوهاڻ، اي ايم ايس ڊاڪٽر پونم جتوئي، آر ايم او جنرل ڊاڪٽر فيصل ميمڻ، آر ايم او ڊاڪٽر ڊاڪٽر سيد اشفاق شاهه، رجسٽرار ايڊمن سي او ڊي ڊاڪٽر رفيعه ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. ايم ايس سيد ارشاد حسين ڪاظمي چيو ته مون کي هتي ڏسي خوشي ٿي ته اسپتال ۾ تجربيڪار سينيئر آفيسر موجود آهن, جن پنهنجي صلاحيتن تحت اسپتال جي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي, پر اسان کي وڌيڪ محنت ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن هتي ايندڙ مريضن جو اعتماد بحال ڪري سگهون, ٽيم ورڪ ۽ ڊسيپلين توڙي شفافيت جي ذريعي اسپتال کي صوبي جي مثالي ادارن ۾ شمار ڪري سگهجي. هن چيو ته جلد ئي اسپتال کي اسٽيٽ آف آرٽ بنائڻ ۾ ڪامياب ضرور ٿيندا. هن چيو ته جلد ئي اسپتال جي انتظامي آفيسرن سان ٻيهر اجلاس منعقد ڪري وائيس چانسلر سان ملاقات ڪئي ويندي ته جيئن مريضن جي علاج ۽ خاص طور تي ڊينگي ۽ مليريا جي علاج جي لاءِ پروفيسرن, ڪنسلٽنٽ جيڪي وائيس چانسلر جي ماتحت آهن اهي پنهنجون ذميواريون بهتر طور تي ادا ڪندي اسپتال جي سمورن مريضن جي علاج تي خاص ڌيان ڏين. هن سمورن آفيسرن کي هدايت ڪئي ته مريضن سان خوش اخلاقي سان پيش اچن, اسپتال جي بهتري پهرين ترجيح آهي. ڊاڪٽر ارشاد حسين ڪاظمي واضح ڪيو ته عوام کي معياري ۽ وقت سر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻيندي اسپتال جي سمورن ملازمن جا جائز مسئلا حل ڪيا ويندا جيڪي ايم ايس جي اختيار ۾ ٿي سگهن ٿا, ملازمن جي مسئلن کان واقف آهيان. اجلاس ۾ اڳوڻي ايم ايس ڊاڪٽر علي اڪبر ڏاهري اسپتال جي معاملن جي حوالي سان نئين ايم ايس کي بريفنگ پڻ ڏني.











