اسلام آباد-12 نومبر (اي پي پي) وفاقي جمهوريه صوماليه جي پارليامينٽ جي اسپيڪر سعديه ياسين حاجي چيو آهي ته پليٽ فارم مختلف خطن جي پارلياماني اڳواڻن کي هڪٻئي جي تجربن مان سِکڻ، جمهوري قدرن کي هٿي وٺرائڻ ۽ جٽادار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جو موقعو فراهم ڪري ٿي. اسلام آباد ۾ جاري بين الپارلياماني ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسلام آباد ۾ رٿيل …
بين الپارلياماني ڪانفرنس جٽادار ترقيءَ جي هدفن لاءِ گڏيل ڪوششن جو موقعو فراهم ڪري ٿي: صومالين پارليامينٽ جي اسپيڪر سعديه ياسين

مزید خبریں
اسلام آباد-12 نومبر (اي پي پي) وفاقي جمهوريه صوماليه جي پارليامينٽ جي اسپيڪر سعديه ياسين حاجي چيو آهي ته پليٽ فارم مختلف خطن جي پارلياماني اڳواڻن کي هڪٻئي جي تجربن مان سِکڻ، جمهوري قدرن کي هٿي وٺرائڻ ۽ جٽادار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جو موقعو فراهم ڪري ٿي. اسلام آباد ۾ جاري بين الپارلياماني ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسلام آباد ۾ رٿيل اهو تاريخي اجتماع عالمي پارلياماني برادريءَ وچ ۾ سهڪار، ڳالهين ۽ گڏيل احترام کي هٿي وٺرائڻ ۾ سنگِ ميل جي حيثيت رکي ٿو. صومالين اسپيڪر چيو ته پارليامينٽس عوام جو آواز ۽ احتساب جو ضامن هوندو آهي، جيڪو قومي ۽ عالمي سطح تي امن، استحڪام ۽ ترقيءَ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. سندس چوڻ هو ته موجوده دؤر ۾ غربت، ماحولياتي تبديلي، سلامتي جي خدشن ۽ فني تبديلين جهڙا چئلينجز سرحدن کان مٿانهان آهن جن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ اجتماعي عمل ۽ پارلياماني سهڪار اڻٽر آهي. هن چيو ته صوماليه ۾ امن جي قيام، جمهوري نظام جي بحالي ۽ اداري جاتي سڌارن جي سلسلي ۾ نمايان اڳڀرائي جاري آهي، صومالين پارليامينٽ احتساب، شفافيت ۽ شموليت تي ٻَڌل سڌارن ذريعي گورننس کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪوشان آهي. هن چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ، قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ انتظام سنڀاليندڙ جو ٿورائتو ادا ڪيو ته هنن ان اهم عالمي ڪانفرنس جي بندوبست ذريعي بين الپارلياماني رابطن ۽ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جا قدر جوڳا قدم کنيا. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته اسلام آباد ڪانفرنس عالمي پارلياماني سهڪار جي هڪ نئين دؤر ۽ مضبوط دؤر جي شروعات ثابت ٿيندي جيڪا قومن وچ ۾ رابطن، ڳالهين ۽ گڏيل احترام کي هٿي وٺرائيندي.











