اسلام آباد-12 نومبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته 27 هين ترميم جي بل تي ٻنهي ايوانن ۽ گڏيل اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ ڀرپور غور ويچار ٿيو آهي، ان ۾ ڪجهه وڌيڪ ترميمن سان قومي اسيمبلي مان منظور ڪرايو ويندو. قومي اسيمبلي ۾ 27 هين ترميم تي جاري بحث سهيڙيندي هن چيو ته ترميم جي مول متن کان آگاهه ڪيو ويو …
ستاويهين ترميمي بل ڪجهه وڌيڪ ترميمن سان قومي اسيمبلي مان منظور ڪرايو ويندو: اعظم نذير تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد-12 نومبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته 27 هين ترميم جي بل تي ٻنهي ايوانن ۽ گڏيل اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ ڀرپور غور ويچار ٿيو آهي، ان ۾ ڪجهه وڌيڪ ترميمن سان قومي اسيمبلي مان منظور ڪرايو ويندو. قومي اسيمبلي ۾ 27 هين ترميم تي جاري بحث سهيڙيندي هن چيو ته ترميم جي مول متن کان آگاهه ڪيو ويو هو، سينيٽ گڏيل ڪميٽي جو پاس ڪيل بل ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان منظور ڪيو ۽ هاڻي هن ايوان ۾ قانون ۽ قاعدن موجب پيش ڪيو ويو، بار ڪائونسل جي تجويز تي موجوده چيف جسٽس پاڪستان يحيٰ آفريدي ئي چيف جسٽس آف پاڪستان رهندو، هن ٻڌايو ته آرٽيڪل 6 جي حوالي سان آئيني عدالت جو لفظ شامل ڪيو ويو آهي.











