سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس

ڪراچي-12 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي آهي ته وفاقي، صوبائي ۽ غير ملڪي امداد سان هلندڙ وڏين شاهراهن جي منصوبن تي ڪم جي رفتار تيز ڪئي وڃي ته جيئن اهي مقرر وقت اندر مڪمل ٿي سگهن. اهڙيون هدايتون هن وزيراعليٰ هائوس ۾ صوبي جي ترقياتي منصوبن جو جائزو وٺڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت دوران جاري ڪيون. …

ڪراچي-12 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي آهي ته وفاقي، صوبائي ۽ غير ملڪي امداد سان هلندڙ وڏين شاهراهن جي منصوبن تي ڪم جي رفتار تيز ڪئي وڃي ته جيئن اهي مقرر وقت اندر مڪمل ٿي سگهن. اهڙيون هدايتون هن وزيراعليٰ هائوس ۾ صوبي جي ترقياتي منصوبن جو جائزو وٺڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت دوران جاري ڪيون. اجلاس ۾ وفاقي عوامي شعبي جي ترقياتي پروگرام مالي سال 2025-26، صوبائي سالياني ترقياتي پروگرام 2025-26 ۽ ايشيائي ترقياتي بينڪ جي مدد سان هلندڙ ٻوڏ ايمرجنسي بحالي پروگرام جو جائزو ورتو ويو. مراد علي شاهه چيو ته روڊن جو بنيادي ڍانچو سنڌ جي معاشي ترقي جي ڪرنگهي جي هڏي آهي ۽ انهن کي مقرر مدي اندر مڪمل ٿيڻ گهرجي. هن زور ڏنو ته سنڌ جي عوام کي واضح ترقي نظر اچڻ گهرجي. اسان جي ترجيح اهي منصوبا آهن جيڪي سڌو سنئون ماڻهن کي فائدو ڏين ۽ علائقائي رابطن کي مضبوط بڻائين. سنڌ ڪوسٽل هاءِ وي (36 ڪلوميٽر) ھي 3.7 ارب رپين جو منصوبو آھي جنھن ۾ وفاقي حڪومت جو حصو 2.6 ارب ۽ صوبائي حڪومت جو حصو 1 ارب رپيا آھي. وڏي وزير ان کي سامونڊي ترقي لاءِ اسٽريٽجڪ لائف لائين قرار ڏيندي جون 2027ع تائين مڪمل ڪرڻ جي ھدايت ڪئي. روهڙي – گڊو بئراج روڊ (105 ڪلوميٽر) ھي 17.79 ارب رپين جو منصوبو آھي جيڪو مٿانهين سنڌ کي ڏکڻ پنجاب سان ڳنڍي ٿو. وڏي وزير هدايت ڪئي ته ڪم جي رفتار وڌائي وڃي ۽ منصوبو جون 2027 تائين مڪمل ڪيو وڃي. ٽنڊو الهيار–ٽنڊو آدم ٻه طرفو روڊ (31.4 ڪلوميٽر) 9.28 ارب رپين جي اسڪيم ۾ وڏي وزير حڪومت جي 2.59 ارب رپين جي حصي جي فوري ادائيگي جي هدايت ڪئي ته جيئن ڪم ۾ تيزي اچي. مهراڻ هاءِ وي (نوابشاهه–راڻي پور، 135 ڪلوميٽر) ھي 41.03 ارب رپين جو منصوبو آھي جيڪو صوبي جي اندر واپاري رابطن لاءِ تمام اھم آھي. وڏي وزير ان کي جون 2027 تائين مڪمل ڪرڻ جي ھدايت ڪئي. سانگهڙ – روهڙي روڊ مڌ جمڙائو ۽ صالح پٽ ذريعي (221 ڪلوميٽر) ھي 35.08 ارب رپين جو منصوبو آھي جنھن ۾ صوبائي حڪومت جو حصو 1.12 ارب رپيا آھي. وڏي وزير چيو ته هي روڊ ڏورانھين علائقن ۾ نوان معاشي رستا کوليندو ۽ زرعي واپار کي هٿي ڏيندو. وڏي وزير ايشيائي ترقياتي بينڪ جي مدد سان جاري سنڌ فلڊ ايمرجنسي ريڪنسٽرڪشن پروجيڪٽ جو به جائزو ورتو جيڪو 48.4 ارب رپين جو منصوبو آھي. هي منصوبو 724 ڪلوميٽر ٻوڏ متاثر روڊن جي بحالي تي مشتمل آھي جيڪو ڊسمبر 2022 ۾ اقتصادي معاملن واري قومي ڪائونسل منظور ڪيو ۽ جنوري 2024 ۾ شروع ڪيو ويو. اڄ تائين 538 ڪلوميٽر روڊ مڪمل ٿي چڪا آهن جڏهن ته صوبائي حڪومت جي حصي وارا 4.25 ارب رپيا مان 96 سيڪڙو استعمال ٿي چڪا آهن. نظرثاني ٿيل پي سي-ون مطابق منصوبي جو دائرو وڌائي 873 ڪلوميٽر ڪيو پيو وڃي جنهن جي نئين لاڳت 62.53 ارب رپيا هوندي. وڏي وزير چيو ته ايشيائي ترقياتي بينڪ جي سهڪار سان جاري بحالي سنڌ جي انهيءَ عزم جي عڪاسي ڪري ٿي ته اسان ٻوڏ کانپوءِ وڌيڪ مضبوط ۽ جديد انداز ۾ ٻيهر تعمير ڪنداسين. هن هدايت ڪئي ته اضافي فنڊز وقت سر جاري ڪيا وڃن ۽ منصوبو جون 2026 تائين مڪمل ڪيو وڃي. شفافيت، احتساب ۽ پائيدار ترقي جي عزم کي ورجائيندي وڏي وزير چيو ته اسان سنڌ جي بنيادي ڍانچي کي جديد طرز تي استوار ڪرڻ، علائقائي رابطن کي وڌائڻ ۽ اهڙا منصوبا مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون جيڪي صوبي جي ڊگهي مدي واري ترقي ۽ لچڪ ۾ اضافو ڪن. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن ڄام خان شورو، حاجي علي حسن زرداري، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، چيئرمين رٿابندي ۽ ترقي نجم شاهه ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں