اسلام آباد-12 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان تاجڪستان پارليامينٽ جي ڊپٽي اسپيڪر عزيز گيوزودا ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفن ناتن، پارلياماني سهڪار ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اسپيڪر چيو ته پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي رشتا ڀائيچاري جو مضبوط بنياد آهن. پاڪستان تاجڪستان …
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سان تاجڪستان پارليامينٽ جي ڊپٽي اسپيڪر جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-12 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان تاجڪستان پارليامينٽ جي ڊپٽي اسپيڪر عزيز گيوزودا ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفن ناتن، پارلياماني سهڪار ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اسپيڪر چيو ته پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي رشتا ڀائيچاري جو مضبوط بنياد آهن. پاڪستان تاجڪستان کي هڪ ويجهو ۽ ڀائر اسلامي ملڪ سمجهي ٿو. پارلياماني رابطن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائي گڏيل اعتماد ۽ سهڪار کي نين بلندين تائين وٺي وڃي سگهجي ٿو. اسپيڪر، تاجڪستان سان ثقافتي، تعليمي ۽ واپاري سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ چيو ته پاڪستان تاجڪستان جو ٻيو گهر آهي. اسان جو هدف علائقائي استحڪام ۽ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ آهي. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پاڪستان ۽ تاجڪستان گڏيل مذهب، روايتن ۽ ثقافت جي مضبوط رشتن ۾ ٻَڌل آهن. پاڪستان جي گلگت بلتستان، هنزه ۽ چترال جي ثقافت تاجڪستان سان هڪجهڙائي رکي ٿي. امن، تحفظ ۽ ترقي اسان سڀني جو گڏيل مقصد آهي. ملاقات ۾ قومي اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر سيد مصطفيٰ شاهه پڻ شريڪ هو.











