اسلام آباد-12 نومبر (اي پي پي) گهرو وفاقي وزير ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي سان سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر ريئر ايڊمرل (ر) فريڊسري ويراتني ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سريلنڪا ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن جي مئنيجرن، پي سي بي جي چيف آپريٽنگ آفيسر سمير احمد، چيف ڪمشنر اسلام آباد ۽ آءِ جي اسلام آباد پوليس پڻ شريڪ ٿيا. پي سي بي موجب ملاقات دوران چيف ڪمشنر ۽ …
وفاقي وزير محسن نقوي سان سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-12 نومبر (اي پي پي) گهرو وفاقي وزير ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي سان سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر ريئر ايڊمرل (ر) فريڊسري ويراتني ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سريلنڪا ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن جي مئنيجرن، پي سي بي جي چيف آپريٽنگ آفيسر سمير احمد، چيف ڪمشنر اسلام آباد ۽ آءِ جي اسلام آباد پوليس پڻ شريڪ ٿيا. پي سي بي موجب ملاقات دوران چيف ڪمشنر ۽ آءِ جي اسلام آباد پوليس سريلنڪن ٽيم کي فراهم ڪيل فول پروف سيڪيورٽي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر سيڪيورٽي انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته حڪومت مهمان ٽيم لاءِ بهترين ۽ اثرائتا قدم کنيا آهن. ان موقعي تي گهرو وفاقي وزير چيو ته سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم جا رانديگر پاڪستان جا اسٽيٽ گيسٽ آهن، سندن فول پروف سيڪيورٽي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر اسلام آباد ۾ دهشتگرد حملي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي سريلنڪن هاءِ ڪمشنر هڪ ڀيرو ٻيهر ٽيم جي سيڪيورٽيءَ تي اطمينان جو اظهار ڪندي گهرو وزير ۽ پاڪستاني ادارن جي ڪوششن کي ساراهيو.











