اسلام آباد-12 نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني فلسطيني عوام جي حوصلي ۽ عزم کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ پائيدار امن لاءِ فلسطين مسئلي جو منصفاڻو حل اڻٽر آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضاگيلاني سان فلسطين، روانڊا ۽ الجيريا جي پارلياماني اڳواڻن ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. سينيٽ چيئرمين بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت …
سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاران فلسطيني عوام جي حوصلي ۽ عزم کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد-12 نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني فلسطيني عوام جي حوصلي ۽ عزم کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ پائيدار امن لاءِ فلسطين مسئلي جو منصفاڻو حل اڻٽر آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضاگيلاني سان فلسطين، روانڊا ۽ الجيريا جي پارلياماني اڳواڻن ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. سينيٽ چيئرمين بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت تي سمورن پارلياماني وفدن جو ٿورو مڃيو. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضاگيلاني چيو ته امن، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پارلياماني اڳواڻن کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. آءِ ايس سي دنيا جي پارلياماني اڳواڻن کي تجربن جي مٽاسٽا جو اثرائتو پليٽ فارم فراهم ڪري ٿو. ان کانسواءِ فلسطيني اسپيڪر روحي فتوح، سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضاگيلاني سان ملاقات ڪئي. سينيٽ چيئرمين فلسطيني عوام جي حوصلي ۽ عزم کي خراج تحسين پيش ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته وچ اوڀر ۾ پائيدار امن لاءِ فلسطين مسئلي جو منصفاڻو حل اڻٽر آهي. جنگ بندي جو معاهدو سٺو سنئوڻ آهي. جنگ بندي معاهدي جون ڀڃڪڙيون مذمت جوڳيون آهن. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان فلسطيني ڀائرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. فلسطيني وفد پاڪستان جي حڪومت، پارليامينٽ ۽ عوام جو شڪريو ادا ڪيو. ٻئي پاسي روانڊا جي سينيٽ جي صدر، سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضاگيلاني سان ملاقات ڪئي. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضاگيلاني چيو ته پاڪستان روانڊا سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن وچ ۾ تاريخي دوستاڻا لاڳاپا فخر جوڳا آهن. سينيٽ چيئرمين اداري جاتي تعاون ۽ گهڻ رخي رابطن کي هٿي ڏيڻ تي زور ڀريو. روانڊا جي وفد ٻطرفي تعاون کي نئين بلندين تي وٺي وڃڻ لاءِ گڏيل عزم جو اظهار ڪيو. الجيريا جي پارلياماني ميمبر سعداراس بين الپارلياماني ڪانفرنس منعقد ڪرڻ کي انتهائي اهم قرار ڏنو. سينيٽ چيئرمين الجيريا جي شرڪت کي بين الپارلياماني تعاون ۽ علائقائي يڪجهتي جي عزم جو مظهر قرار ڏنو. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضاگيلاني چيو ته هي ڪانفرنس امن، سلامتي ۽ ترقي لاءِ گڏيل لائحه عمل ۾ مددگار ثابت ٿيندي. عالمي تڪرارن جي منصفاڻي حل لاءِ گڏيل ڪوششون ضروري آهن. سينيٽ چيئرمين سان ملاقات ڪندڙن ۾ ايران، گوئٽي مالا جو اڳوڻو صدر ۽ مالديپ جا پارلياماني نمائندا پڻ شامل آهن. سينيٽ چيئرمين ايراني وفد جي شرڪت کي اهم قرار ڏنو. سيد يوسف رضاگيلاني چيو ته امن، ترقي ۽ خوشحالي پاڪستان ۽ ايران جو گڏيل ويزن آهي. سينيٽ چيئرمين مالديپ جي وفد جو به شڪريو ادا ڪيو.











