اسان ڳالهين کان انڪار ناهي ڪيو: بئريسٽر گوهر

اسلام آباد-12 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ بئريسٽر گوهر خان چيو آهي ته اسان ڳالهين کان انڪار نه ڪيو آهي جڏهن ته اسپيڪر چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي ٺاهيل ڪميٽي جي ٽن اجلاسن کان اپوزيشن، بائيڪاٽ ڪيو هو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ بئريسٽر گوهر خان اعتراض واري نڪتي تي چيو ته اسلام آباد آپگهاتي ڌماڪو افسوسناڪ آهي، اسان هميشه ڳالهين جي ڳالهه ڪئي …

اسلام آباد-12 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ بئريسٽر گوهر خان چيو آهي ته اسان ڳالهين کان انڪار نه ڪيو آهي جڏهن ته اسپيڪر چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي ٺاهيل ڪميٽي جي ٽن اجلاسن کان اپوزيشن، بائيڪاٽ ڪيو هو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ بئريسٽر گوهر خان اعتراض واري نڪتي تي چيو ته اسلام آباد آپگهاتي ڌماڪو افسوسناڪ آهي، اسان هميشه ڳالهين جي ڳالهه ڪئي آهي، پهرين شبلي فراز، عمر ايوب خان ۽ علي امين گنڊاپور کي ڳالهين لاءِ نامزد ڪيو ويو ان کانپوءِ محمود خان اچڪزئي کي ڳالهين جو مينڊيٽ ڏنو ويو، اسان پاڪستان سان گڏ بيٺل آهيون. هن چيو ته اسان ڳالهين کان انڪار نه ڪيو آهي، اسپيڪر چيو ته وزيراعظم، ڳالهين لاءِ باوقار طريقي سان اتحادين جي ڪميٽي ٺاهي، ڪميٽي جون ٽي ميٽنگون ٿيون جنهن ۾ اپوزيشن طرفان شرڪت نه ڪئي وئي. هن چيو ته ڳالهين جو سلسلو جاري رکڻ گهرجي.

مزید خبریں