وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پاران پمز اسپتال ۾ اسلام آباد ڌماڪي جي زخمين جي عيادت

اسلام آباد-12نومبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري اسلام آباد جي عدالت ٻاهران آپگهاتي ڌماڪي جي زخمين جي پمز اسپتال ۾ عيادت ڪئي ۽ سمورن زخمين کي فراهم ڪيل علاج جي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ زخمي ماڻهن کي حوصلو ڏنو. ان موقعي تي هن پمز اسپتال انتظاميه کي هدايت ڪئي ته سمورن زخمين کي علاج جي هر ممڪن بهترين سهولتن جي فراهمي يقيني …

اسلام آباد-12نومبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري اسلام آباد جي عدالت ٻاهران آپگهاتي ڌماڪي جي زخمين جي پمز اسپتال ۾ عيادت ڪئي ۽ سمورن زخمين کي فراهم ڪيل علاج جي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ زخمي ماڻهن کي حوصلو ڏنو. ان موقعي تي هن پمز اسپتال انتظاميه کي هدايت ڪئي ته سمورن زخمين کي علاج جي هر ممڪن بهترين سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته دهشتگرد انهن ڪاررواين سان اسان جو حوصلو ڪمزور نٿا ڪري سگهن، پمز اسپتال ۾ زخمين جو علاج جاري آهي، اسان جي عوام موقعي تي امدادي ڪاررواين ۾ حصو ورتو. هن چيو ته اسلام آباد جي حفاظت تي مقرر هڪ هڪ جوان ۽ هڪ هڪ آفيسر پنهنجو ڪم ڪري رهيو آهي، عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪري رهيا آهن ۽ دهشتگردن جي ڪاررواين کي روڪڻ ۾ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيا آهن، هن چيو ته سمورن بزدل دشمنن کي اهو پيغام ڏيان ٿو ته اسلام آباد جو واقعو ۽ وانا ۾ ڪيڊٽ ڪاليج تي جيڪو حملو ٿيو اهو اسان جي حوصلن ڪمزور نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته وانا ۾ اسان جي سمورن آفيسرن ۽ جوانن جيڪا ڪارڪردگي ڏيکاري اها مثالي آهي ۽ آئون کين خراج تحسين پيش ڪريان ٿو ته هنن ڪيمپس ۾ موجود 550 ٻارن جي جانين جي تحفظ کي يقيني بڻايو، هن پنهنجي زندگي تي کيڏي سمورن ٻارن کي ريسڪيو ڪيو. هن چيو ته 100 جي لڳ ڀڳ استادن جو تحفظ به يقيني بڻايو ويو ۽ سڀني کي محفوظ ماڳن تي منتقل ڪري دهشتگردن کي ڪيفرڪردار تائين پهچايو. هن چيو ته دنيا ۾ جتي به اهڙي طرح جا واقعا ٿيندا آهن اتي ٻارن کي نشانو بڻايو ويندو آهي، هن چيو ته ڪي پي ڪي جي انتظاميه، وزيراعليٰ ۽ ڪجهه سياستدان هوش کان ڪم وٺن، اي پي ايس سانحي کانپوءِ هي هڪ تمام وڏو واقعو آهي، قوم جهڙي طرح حق جي ويڙهه ۾ متحد هئي اڄ به اهڙي طرح اتحاد جي ضرورت آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ اسان جا سيڪيورٽي آفيسر ۽ جوان پنهنجي جانين تي کيڏي جيڪي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن اهو واکاڻ جوڳو آهي. هن چيو ته وانا ۾ جن جوانن شهادت ماڻي انهن کي به خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته شهيدن جي وارثن جا حوصلا بلند ۽ پرعزم آهن، هو پنهنجي بهادر پٽن ۽ بارن تي فخر ڪن ٿا جنهن وطن عزيز جي تحفظ لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن، جيستائين پاڪستان ۾ اهي مائرون زنده آهن جيڪي ان طرح جي بهادر پٽن کي جنم ڏين ٿيون، انشاءُ الله پاڪستان قائم ۽ دائم رهندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته دهشتگردن جو ڪو به مذهب ۽ ڪو ملڪ ناهي هوندو، اسان حق جي ويڙهه ۾ جنهن دشمن کي بدترين شڪست ڏني آهي اهو ئي اهڙيون ڪارروايون ڪري رهيو آهي ۽ دهشتگردن کي پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي.

مزید خبریں