ايوان جي بالادستي ۽ عوامي حقن لاءِ جيڪي به آئيني ترميمون آنديون وينديون، اسان ان جي غير مشروط حمايت ڪنداسين: محمود خان اچڪزئي

اسلام آباد -12 نومبر (اي پي پي) پشتون خواه ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو آهي، ته پارليامينٽ جي بالادستي ۽ عوام جي حقن لاءِ جيڪي به آئيني ترميمون آنديون وينديون، اسان ان ۾ حڪومت جو ساٿ ڏينداسين. قومي اسيمبلي ۾ 27هين آئيني ترميمي بل جي بحث هيٺ آڻڻ جي رٿ تي بحث ڪندي هن چيو ته هن ايوان جي بالادستي ۽ عوامي حقن لاءِ جيڪا به …

اسلام آباد -12 نومبر (اي پي پي) پشتون خواه ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو آهي، ته پارليامينٽ جي بالادستي ۽ عوام جي حقن لاءِ جيڪي به آئيني ترميمون آنديون وينديون، اسان ان ۾ حڪومت جو ساٿ ڏينداسين. قومي اسيمبلي ۾ 27هين آئيني ترميمي بل جي بحث هيٺ آڻڻ جي رٿ تي بحث ڪندي هن چيو ته هن ايوان جي بالادستي ۽ عوامي حقن لاءِ جيڪا به آئيني ترميم آندي ويندي، اسان ان جي غير مشروط حمايت ڪنداسين. هن چيو ته هن ملڪ ۾ آئين جي بالادستي لاءِ پارليامينٽ سڀ کان مٿانهين آهي. سمورا پاليسي ساز فيصلا هتي ٿيندا، ان تي سموريون پارٽيون صحيحيون ڪن اهو ئي پاڪستان کي بچائڻ جو رستو آهي. هن چيو ته اچو ته گڏجي هن ملڪ کي جمهوري پاڪستان بڻايون، پاڪستان جي چوڌاري حالتون صحيح ناهن. ايران، افغانستان، ڀارت ۽ پاڪستان جي قيادت کي عقل کان ڪم وٺڻو پوندو. هڪٻئي سان وڙهڻ بجاءِ ڳالهيون ڪيون وڃن.

مزید خبریں