پشاور-12 نومبر (اي پي پي) سوات جي تحصيل مٽه جي علائقي شڪرده ۾ اي اين پي اڳواڻ ممتاز علي خان جي گاڏي ويجهو ڌماڪو ٿيو. سوات پوليس مطابق ڌماڪي ۾ گاڏي کي نقصان پهتو آهي جڏهن ته اي اين پي اڳواڻ ممتاز علي خان محفوظ رهيو. سوات جي ڊي پي او محمد عمر خان موجب رستي ۾ بارودي مواد نصب ڪيو ويو هو. ڊي پي او ٻڌايو ته واقعي جو …
سوات ۾ شڪردره مٽه ۾ اي اين پي اڳواڻ جي گاڏي ويجهو ڌماڪو، ممتاز علي خان محفوظ رهيو

مزید خبریں
پشاور-12 نومبر (اي پي پي) سوات جي تحصيل مٽه جي علائقي شڪرده ۾ اي اين پي اڳواڻ ممتاز علي خان جي گاڏي ويجهو ڌماڪو ٿيو. سوات پوليس مطابق ڌماڪي ۾ گاڏي کي نقصان پهتو آهي جڏهن ته اي اين پي اڳواڻ ممتاز علي خان محفوظ رهيو. سوات جي ڊي پي او محمد عمر خان موجب رستي ۾ بارودي مواد نصب ڪيو ويو هو. ڊي پي او ٻڌايو ته واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڌماڪي جي حوالي سان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ جا اهلڪار واقعي واري هنڌ تان ثبوت گڏ ڪري رهيا آهن.











