سکر-12 نومبر (اي پي پي) سکر رينج جي ڊي آءِ جي پوليس آفيس مان جاري ٿيل پڌرائيءَ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آھي ته سکر ۾ دهشت جي علامت سمجهيو ويندڙ بدنام ڌاڙيل سلطان شاهه پنهنجي پٽ حبدار شاهه سان گڏ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو آھي. پڌرائيءَ ۾ ڏنل تفصيلن مطابق سکر جي سي سيڪشن ٿاڻي جي حدن ۾ ٿيل مقابلي دوران سلطان شاهه مارجي ويو. فائرنگ جي ڏي وٺ سبب هڪ پوليس اهلڪار به زخمي ٿيو. پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ سلطان شاهه ۽ سندس …
سکر پوليس پاران مبينا مقابلي بعد بدنام ڌاڙيل سلطان شاهه کي مارڻ جي دعويٰ

مزید خبریں
سکر-12 نومبر (اي پي پي) سکر رينج جي ڊي آءِ جي پوليس آفيس مان جاري ٿيل پڌرائيءَ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آھي ته سکر ۾ دهشت جي علامت سمجهيو ويندڙ بدنام ڌاڙيل سلطان شاهه پنهنجي پٽ حبدار شاهه سان گڏ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو آھي. پڌرائيءَ ۾ ڏنل تفصيلن مطابق سکر جي سي سيڪشن ٿاڻي جي حدن ۾ ٿيل مقابلي دوران سلطان شاهه مارجي ويو. فائرنگ جي ڏي وٺ سبب هڪ پوليس اهلڪار به زخمي ٿيو. پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ سلطان شاهه ۽ سندس پٽ مارجي ويا. پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته سکر ۾ پوليس مقابلي کان اڳ روهڙي ۾ ڦر جي واردات دوران ھٿياربندن فائرنگ ڪئي جنھن جي نتيجي ۾ هڪ ٻار فيضان شيخ زخمي ٿي پيو. اھڙي واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس ھٿياربندن جو پيڇو ڪيو ته ڪار ۾ فرار ٿيندڙ ھٿياربندن سان پوليس جو سي سيڪشن ٿاڻي جي حدن ۾ مقابلو ٿيو. ھٿياربندن جي فائرنگ سبب پوليس اهلڪار فضل ڀٽو سخت زخمي ٿيو. جڏھن ته پوليس جي فائرنگ ۾ ٻه ھٿياربند مارجي ويا جن جي سڃاڻپ سلطان شاهه ۽ سندس پٽ حبدار شاهه طور ٿي. ڊي آءِ جي سکر رينج زخمي سپاهي کي بهترين علاج فراهم ڪرڻ جا فوري حڪم جاري ڪيا آهن. ڊي آءِ جي سکر رينج ڪيپٽن (ر) فيصل عبدالله چاچڙ پاران ايس ايس پي سکر اظهر مغل ۽ سندس پوري ٽيم کي ڏوھارين خلاف وقت سر ڪارروائي ڪرڻ تي شاباش ڏني آھي.











