اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گهڻ رُخي عالمي عزم جي تجديد ۽ عالمي مالياتي ۽ گورننس جي نظام ۾ فوري سڌارن لاءِ زور ڀريندي چيو آهي ته پاڪستان علائقائي رابطن کي وڌائڻ ۽ سماجي اقتصادي ترقيءَ لاءِ شراڪتداريءَ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي انتظام هيٺ ڇهين مارگله ڊائلاگ …
پاڪستان علائقائي رابطن کي وڌائڻ ۽ سماجي اقتصادي ترقيءَ لاءِ شراڪتداريءَ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي: اسحاق ڊار
اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گهڻ رُخي عالمي عزم جي تجديد ۽ عالمي مالياتي ۽ گورننس جي نظام ۾ فوري سڌارن لاءِ زور ڀريندي چيو آهي ته پاڪستان علائقائي رابطن کي وڌائڻ ۽ سماجي اقتصادي ترقيءَ لاءِ شراڪتداريءَ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي انتظام هيٺ ڇهين مارگله ڊائلاگ 2025ع کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته مان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل سميت گهڻ رُخي فورمز تي پنهنجي تازن خطابن ۾ ڪيترائي ڀيرا خبردار ڪيو هو ته انسانيت کي بي مثال چئلينجز درپيش آهن جيڪي عالمي امن، خوشحالي ۽ سلامتيءَ لاءِ خطرو آهن. هن خبردار ڪيو ته گهڻ رُخي ۽ عالمي سهڪار جون بنيادي خاص ڪري جن جي نمائندگي گڏيل قومون ڪن ٿيون، دٻاءُ جو شڪار آهن، ڇاڪاڻ ته شڪ شبها ۽ جاري تڪرار ان تي سواليه نشان لڳائين ٿا. هن چيو ته گهڻ رُخي سطح تي ادارا ڪمزور ٿي رهيا آهن، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل سياسي ويڇي سبب دير جو شڪار آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي معاملن ۾ ان جي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائيءَ جو ڪوبه معنيٰ وارو طريقيڪار ناهي. فلسطين ۽ ڄمون ڪشمير جي تڪرارن جو حوالو ڏيندي نائب وزيراعظم چيو ته اهو تاثر وڌي رهيو آهي ته سلامتي ڪائونسل عالمي امن ۽ سلامتيءَ کي برقرار رکڻ جي پنهنجي بنيادي ذميواريءَ کي پورو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي رهي آهي. هن عالمي اڻبرابري ۽ قرضن جي بحران طرف به ڌيان ڇِڪرايو جيڪو هاڻي 100 کان وڌيڪ ملڪن کي متاثر ڪري رهيو آهي، جنهن سان پائيدار ترقيءَ جا هدف حاصل ڪرڻ کي نقصان پهچي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جهڙا اُسرندڙ ملڪ ڪاربن جي عالمي نيڪال ۾ نه هجڻ جي برابر حصو وجهڻ باوجود موسمياتي تبديلين جو ڪيتو ڀوڳي رهيا آهن، ان باوجود پاڪستان سڀ کان وڌيڪ موسمياتي خطرن ۾ گهيريل ملڪن ۾ شامل آهي. هن چيو ته گڏيل چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ گڏيل قومون دنيا جو سڀ کان نمائندا پليٽ فارم آهي. هن گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ خوداراديت، طاقت جو عدم استعمال ۽ تڪرارن جا پُرامن حل شامل آهن. هن هلندڙ سال جي وچ ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان جي صدارت جو حوالو ڏنو ۽ قرارداد 2788 جي گڏيل منظوريءَ کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته سندس صدارت ۾ اجلاس اثرائتي گهڻ رُخي ۽ گڏيل قومن جي چارٽر لاءِ پاڪستان جي عزم جو ثبوت آهي. هن گڏيل قومن ۽ اسلامي تعاون تنظيم وچ ۾ اداره جاتي رابطن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي قدمن جو به ذڪر ڪيو، جيڪو دنيا جو ٻيو وڏو گهڻ رُخي ادارو آهي. نائب وزيراعظم ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته ڇهين مارگله ڊائلاگ انهن مان ڪيترن ئي اهم مسئلن کي بحث هيٺ آندو ۽ پاڪستان جي اسٽريٽجڪ جاگرافيائي پوزيشن ۽ اقتصادي صلاحيت کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته ڏکڻ ايشيا، وچ ايشيا ۽ وچ اوڀر جي سنگم تي واقع پاڪستان وسيع معدني دولت، انساني سرمائي ۽ رابطن جي صلاحيت سان مالامال آهي. هن چيو ته اسان علائقائي رابطن کي وڌائڻ ۽ سماجي اقتصادي ترقيءَ لاءِ ڀائيواريءَ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهيون. هن چيو ته پاڪستان سهڪار ۽ گڏيل خوشحاليءَ تي ٻَڌل جيو اڪنامڪ ويزن تي عمل ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي ۽ اسان گڏيل هدف حاصل ڪرڻ لاءِ سمورن ڀائيوارن ۽ ادارن سان مصروف ٿيڻ لاءِ تيار آهيون. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته مارگله ڊائلاگ ۾ ٿيل ڳالهيون سڀني لاءِ وڌيڪ مستحڪم، برابري ۽ خوشحال مستقبل طرف سهڪار جا نوان رستا طئي ڪرڻ ۾ مدد ڪندو.












