اسلام آباد- 11 نومبر (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي، سينيٽر عرفان صديقي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته عرفان صديقي جو لاڏاڻو علمي، ادبي ۽ ثقافتي دنيا لاءِ ناقابل تلافي نقصان آهي. عرفان صديقي، علم ۽ ادب جو روشن ڏيئو ۽ قومي فڪري ورثي جو امين هو. عرفان صديقي هميشه تهذيب …
وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي پاران سينيٽر عرفان صديقي جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار
اسلام آباد- 11 نومبر (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي، سينيٽر عرفان صديقي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته عرفان صديقي جو لاڏاڻو علمي، ادبي ۽ ثقافتي دنيا لاءِ ناقابل تلافي نقصان آهي. عرفان صديقي، علم ۽ ادب جو روشن ڏيئو ۽ قومي فڪري ورثي جو امين هو. عرفان صديقي هميشه تهذيب ۽ ثقافت کي هٿي ڏيڻ لاءِ رهنمائي فراهم ڪئي. هن چيو ته ثقافتي ادارن جي ڊائون سائيزنگ جي چئلينج ۾ عرفان صديقي جي قيمتي رهنمائي ۽ مدد هميشه ياد رکي ويندي. عرفان صديقي، قومي ثقافتي ادارن جي استحڪام کي هٿي وٺرائڻ ۾ عملي ڪردار ادا ڪيو. ثقافت واري وزارت، عرفان صديقي جي رهنمائي مان فائدو کڻندي رهندي، سندس بصيرت هميشه مشعل راهه رهندي. وفاقي وزير چيو ته عرفان صديقي ادب کي قومي سڃاڻپ جو حصو بڻايو، سندس ادبي خدمتون اردو نظم، ڪالم نگاري ۽ فڪري مڪالمي جي تاريخ ۾ سنهري لفظن سان لکي ويندي. هن چيو ته عرفان صديقي جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪريون ٿا. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ پوئينرن کي صبر ڏئي.












