دفاع ۽ گورننس کي مضبوط ڪرڻ 27هين آئيني ترميم جا بنيادي مقصد آهن: بلال اظهر ڪياني

اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته دفاع ۽ گورننس کي مضبوط ڪرڻ 27هين آئيني ترميم جا بنيادي مقصد آهن، عوام جي فائدي لاءِ گورننس ۽ خدمتن ۾ بهتري آڻڻ ضروري آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ 27هين آئيني ترميم تي بحث دوران هن چيو ته جي- 11 ۾ عدالت ٻاهران آپگهاتي حملي جي خبر پئي آهي جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو …

اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته دفاع ۽ گورننس کي مضبوط ڪرڻ 27هين آئيني ترميم جا بنيادي مقصد آهن، عوام جي فائدي لاءِ گورننس ۽ خدمتن ۾ بهتري آڻڻ ضروري آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ 27هين آئيني ترميم تي بحث دوران هن چيو ته جي- 11 ۾ عدالت ٻاهران آپگهاتي حملي جي خبر پئي آهي جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو فوت ۽ زخمي ٿيا آهن. ان واقعي مان واضح آهي ته اسان جنگ جي حالت ۾ آهيون ۽ اسان جي فوج، پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارا ملڪ لاءِ وڙهي رهيا آهن ۽ شهادتون ماڻي رهيا آهن. هن چيو ته جيڪا جنگ اسان کٽي آهي اها اسان تي مڙهي وئي هئي، سڄي ملڪ ۾ هٿياربند فوج وڙهي رهي آهي ۽ قربانيون ڏئي رهي آهي. هن چيو ته دفاع ۽ گورننس کي مضبوط ڪرڻ 27هين آئيني ترميم جا بنيادي مقصد آهن. اها ڳالهه سٺو سنوڻ آهي ته آرٽيڪل 243 ۾ ترميم تي ڪنهن به تنقيد نه ڪئي آهي. هن چيو ته اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ترميمن تي تفصيلي بحث ٿيو، اسان کي خوشي ٿئي ها ته مخالف ڌر جا ميمبر ان ۾ شامل ٿين ها پر بدقسمتيءَ سان اهي ماڻهو ٽي وي چينلن تي ويٺا هئا ۽ لاڳاپيل فورمز تي نه آيا، جڏهن قومي سلامتي تي اجلاس هوندو آهي ته مخالف ڌُر اڳواڻ ان ۾ شرڪت ناهي ڪندو. آئيني عدالت ميثاقِ جمهوريت جو حصو رهي آهي، هڪ سال جي تجربي کانپوءِ پارلياماني طريقيڪار موجب آئيني عدالت جي قيام جو فيصلو ڪيو ويو. سپريم ڪورٽ جا 15 سيڪڙو ڪيسز آئيني نوعيت جا هوندا آهن جڏهن ته اهي 50 سيڪڙو وقت وٺندا آهن. هن چيو ته الله جو شان آهي ته اسد قيصر اسان کي جمهوريت ۽ آئين جو درس ڏئي رهيو آهي، هي اهوئي اسپيڪر هو جنهن اسيمبلي ٽوڙڻ جي راهه هموار ڪئي. هن چيو ته ڪي پي ڪي جي وڏي وزير کي دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ رياست جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، اهڙيءَ طرح مخالف ڌر کي ڪميٽين ۾ ويهي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. مملڪتي وزير چيو ته 18هين ترميم کانپوءِ اختيارن جي هيٺئين سطح تي منتقلي ضروري هئي، مستقبل ۾ اين ايف سي کي صوبائي مالياتي ايوارڊ سان ڳنڍڻ گهرجي، اهڙيءَ طرح مڪاني ادارن ۽ ان جي مدي کي تحفظ ملڻ گهرجي، عوام جي فائدي لاءِ گورننس ۽ خدمتن ۾ بهتري آڻڻ ضروري آهي، اسان جي ڪوشش هوندي ته اتحادين ۽ مخالف ڌُر سان گڏجي ملڪ جي بهتريءَ لاءِ ڪم ڪيو وڃي.