اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، اسلام آباد جي سيڪٽر جي اليون ۾ عدالت جي ويجهو ٿيل آپگهاتي ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته اها هڪ دهشتگرد ۽ بزدلاڻي ڪارروائي آهي جنهن جو مقصد ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ ۽ معصوم شهرين ۾ خوف ۽ هراس پيدا ڪرڻ آهي. هن چيو ته اهڙن بزدلاڻن ۽ ظالماڻن …
سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاران اسلام آباد ۾ عدالت ويجهو آپگهاتي ڌماڪي جي مذمت
اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، اسلام آباد جي سيڪٽر جي اليون ۾ عدالت جي ويجهو ٿيل آپگهاتي ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته اها هڪ دهشتگرد ۽ بزدلاڻي ڪارروائي آهي جنهن جو مقصد ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ ۽ معصوم شهرين ۾ خوف ۽ هراس پيدا ڪرڻ آهي. هن چيو ته اهڙن بزدلاڻن ۽ ظالماڻن قدمن ۾ ملوث عنصر انسانيت جا دشمن آهن ۽ انهن جا ناپاڪ ارادا ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. سينيٽ چيئرمين، ڌماڪي جي نتيجي ۾ شهيدن جي پوئينرن سان گهري ڏک، افسوس ۽ دلي همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته قوم پنهنجي انهن شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به فراموش نه ڪندي. هن، الله تعاليٰ کان شهيدن جي درجن جي بلندي، ڏکويلن ڪٽنبن لاءِ صبر، حوصلي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.












