اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي بين الصوبائي رابطن واري صلاحڪار سينيٽر راڻاءُ ثنا الله، اسلام آباد ڊسٽرڪٽ جوڊيشل ڪمپليڪس ٻاهران آپگهاتي ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته جوڊيشل ڪمپليڪس ڌماڪي ۾ قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ تي گهڻو ڏک ٿيو آهي. اڱاري ڏينهن جاري پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته هو ڏکويل ڪٽنبن سان دلي همدردي ۽ تعزيت ڪري ٿو، معصوم جانين جو ضايع ٿيڻ قومي …
سينيٽر راڻا ثناءُ الله پاران اسلام آباد ڊسٽرڪٽ جوڊيشل ڪمپليڪس ٻاهران ڌماڪي جي مذمت
اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي بين الصوبائي رابطن واري صلاحڪار سينيٽر راڻاءُ ثنا الله، اسلام آباد ڊسٽرڪٽ جوڊيشل ڪمپليڪس ٻاهران آپگهاتي ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته جوڊيشل ڪمپليڪس ڌماڪي ۾ قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ تي گهڻو ڏک ٿيو آهي. اڱاري ڏينهن جاري پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته هو ڏکويل ڪٽنبن سان دلي همدردي ۽ تعزيت ڪري ٿو، معصوم جانين جو ضايع ٿيڻ قومي سانحو آهي، ان جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. هن چيو ته الله تعاليٰ کان دعا آهي ته زخمين کي جلد صحيتابي عطا فرمائي، پوري قوم قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان متحد آهي. هن چيو ته پاڪستان جي دشمنن کي سندن ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، حڪومت ۽ اسان جي سيڪيورٽي فورسز دهشگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهن.












