سنڌ جي گورنر سان هاءِ ڪمشنر آف روانڊا جي ملاقات

ڪراچي-11 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان هاءِ ڪمشنر آف روانڊا حريريمانا فاتو گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، سيڙپڪاري، واپار ۾ اضافي ۽ گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي سنڌ جي گورنر چيو ته پاڪ - روانڊا لاڳاپا وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ …

ڪراچي-11 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان هاءِ ڪمشنر آف روانڊا حريريمانا فاتو گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، سيڙپڪاري، واپار ۾ اضافي ۽ گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي سنڌ جي گورنر چيو ته پاڪ – روانڊا لاڳاپا وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار جا بيشمار موقعا موجود آهن. هن چيو ته روانڊا سان وفدن جي مٽاسٽا، واپاري سرگرمين کي زور وٺائڻ ۽ معاشي شراڪت ۾ اضافو خطي جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. گورنر جو چوڻ هو ته حڪومت عالمي سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪري رهي آهي ۽ آفريقي ملڪن سان واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافو اسان جي اولين ترجيح آهي. روانڊا جي هاءِ ڪمشنر حريريمانا فاتو سنڌ جي گورنر جي عوامي ڀلائي جي قدمن جي واکاڻ ڪئي ۽ واپار، ٽيڪنالاجي، تعليم۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں