وزيراعظم جي صدارت ۾ جناح ميڊيڪل ڪامپليڪس اينڊ ريسرچ سينٽر جي تعمير تي اڳڀرائي جي حوالي سان جائزه اجلاس منعقد

اسلام آباد- 11 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جناح ميڊيڪل ڪامپليڪس جي جلد مڪمل ٿيڻ ۾ درپيش رڪاوٽن کي سمورن لاڳاپيل ادارن جي گڏيل سهڪار سان جلد کان جلد ختم ڪرڻ ۽ معياري تعمير ۽ جديد سهولتن کي يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ جناح ميڊيڪل ڪامپليڪس اينڊ ريسرچ سينٽر جي …

اسلام آباد- 11 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جناح ميڊيڪل ڪامپليڪس جي جلد مڪمل ٿيڻ ۾ درپيش رڪاوٽن کي سمورن لاڳاپيل ادارن جي گڏيل سهڪار سان جلد کان جلد ختم ڪرڻ ۽ معياري تعمير ۽ جديد سهولتن کي يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ جناح ميڊيڪل ڪامپليڪس اينڊ ريسرچ سينٽر جي تعمير تي اڳڀرائي جي حوالي سان جائزه اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال، مصطفيٰ ڪمال، احد خان چيما ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪاري عهديدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم اجلاس ۾ هدايت ڪئي ته جناح ميڊيڪل ڪامپليڪس جي سمورين جديد طبي سهولتن سان معياري تعمير کي جامع حڪمت عملي تحت مڪمل ڪيو وڃي. ڪامپليڪس کي مڪمل ڪرڻ ۾ درپيش سمورين رڪاوٽن کي لاڳاپيل ادارن جي گڏيل سهڪار سان جلد کان جلد حل ڪيو وڃي ۽ مقامي آبادي کي سهولتن جي فراهمي لاءِ جناح ميڊيڪل ڪامپليڪس جي انتظام هيٺ ذيلي طبي مرڪز جي تعمير لاءِ ڪم ڪيو وڃي. وزيراعظم جناح ميڊيڪل ڪامپليڪس جي تعمير ۽ جديد علاج جي فراهمي ۾ ضرورت مطابق عالمي ماهرن جون خدمتون وٺڻ جي به هدايت ڪئي. وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته جناح ميڊيڪل ڪامپليڪس لاءِ گهربل زمين حاصل ڪئي وئي آهي ۽ ڊيزائن ڪنسلٽنٽ جي چونڊ به ڪئي وئي آهي. وزيراعظم جي هدايت مطابق منصوبي جي ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن کي به يقيني بڻايو ويندو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي جناح ميڊيڪل ڪامپليڪس ۽ ريسرچ سينٽر جي تعمير جي حوالي سان هاڻي تائين ڪيل انتظامن، ڪارڪردگي ۽ اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي.

مزید خبریں