اسلام آباد -11 نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين ۽ انٽر پارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جي باني چيئرمين (آءِ ايس سي) سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي، ته پارليامينٽ نه رڳو دنيا ۾ امن ۽ ترقي جو سبب آهي پر اها اعتماد جي معمار، اتفاق راءِ کي هٿي وٺائڻ ۽ عوام جو آواز آهي. پاڪستان عالمي سطح تي امن، سلامتي ۽ ترقي کي هٿي وٺائڻ لاءِ پرعزم آهي. پاڪستان جو اهو عزم …
پارليامينٽ دنيا ۾ اعتماد جي معمار ۽ عوام جو آواز آهي: سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني

مزید خبریں
اسلام آباد -11 نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين ۽ انٽر پارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جي باني چيئرمين (آءِ ايس سي) سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي، ته پارليامينٽ نه رڳو دنيا ۾ امن ۽ ترقي جو سبب آهي پر اها اعتماد جي معمار، اتفاق راءِ کي هٿي وٺائڻ ۽ عوام جو آواز آهي. پاڪستان عالمي سطح تي امن، سلامتي ۽ ترقي کي هٿي وٺائڻ لاءِ پرعزم آهي. پاڪستان جو اهو عزم رڳو بيانن تائين محدود ناهي پر ان جو عملي ثبوت پاڪستان جو دهشتگردي خلاف عالمي جنگ ۾ صف اول جو ڪردار ۽ گڏيل قومن جي امن مشنن ۾ اهم شرڪت آهي. اسلام آباد ۾ منعقد عالمي اسپيڪرز ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي سينيٽ چيئرمين پنهنجي خطاب جي شروعات ۾ مهمان خاص وزيراعظم محمد شهباز شريف سميت قومي ۽ صوبائي قيادت، پرڏيهي مهمانن، اسپيڪرز، پارليامينٽ ميمبرن، گورنرن، وزيرن ۽ اعليٰ ۽ عالمي نمائندن جي آجيان ڪئي. هن چيو ته وزيراعطم پاڪستان جي مهمان خاص طور شرڪت نه رڳو پارليامينٽ جي اداري جي احترام جي علامت آهي پر هي پاڪستان جي ان عزم جي به واضح عڪاسي آهي جيڪا ڳالهين، سهڪار ۽ گهڻ رخي رابطن کي هٿي وٺائڻ بابت آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته اڄ دنيا جي اتر ۽ ڏکڻ وارن حصن سان تعلق رکندڙ پارلياماني اڳواڻ هڪ ڇت هيٺان گڏ ٿيا آهن جيڪو هڪ نئين عهد جي پارلياماني يڪجهتي جو بنياد آهي، اهو تاريخي ميڙاڪو سڄي دنيا جي پارلياماني اڳواڻن جي يڪجهتي، عزم ۽ سهڪار جي علامت آهي. هن چيو ته ڪانفرنس جو عنوان امن، سلامتي ۽ ترقي سرحدن ۽ نظرين کان مٿانهون هڪ اهڙو پيغام آهي جيڪو پوري انسانيت لاءِ رهنمائي فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته موجوده دور غيريقيني، تڪرارن، ماحولياتي تبديلين، معاشي لاهن چاڙهن ۽ تيز رفتار فني ڦير ڦار تي ٻڌل آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته امن اسان جي سامهون تباهه ٿيندو پيو وڃي، جيڪو اسان غزه، سوڊان، ۽ والاريل ڪشمير ۾ ظلم ۽ بربريت جي شڪل ۾ ڏٺو. هن زور ڀريو ته اهڙي وقت ۾ پارليامينٽ کي رهنمائي جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. پارليامينٽ کي دنيا جي ورهايل نظام کي جوڙيندڙ روشني بڻجڻ گهرجي. اسان کي سوچڻ، عهد ڪرڻ ۽ گڏيل عمل ڪرڻ گهرجي. ڳالهيون اسان جي پل ۽ سهڪار اسان جو رستو هئڻ گهرجي. سينيٽ چيئرمين چيو ته امن، سلامتي ۽ ترقي هڪ ٻئي کان سواءِ اڻ پورا آهن. امن ۽ سلامتي کان سواءِ ترقي ممڪن ناهي ۽ ترقي کان سواءِ امن جٽادار نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته اڄ سلامتي جو مفهوم رڳو سرحدن جي دفاع تائين محدود ناهي رهيو پر ماحولياتي استحڪام، خوراڪ ۽ پاڻي جي سلامتي، ڊجيٽل تحفط ۽ معاشي خودڪفالت جهڙن عنصرن کي شامل ڪري ٿو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پاڪستان جيڪو عالمي ڪاربن خارج ڪرڻ ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو وجهي ٿو، ماحولياتي تبديلين جي بدترين اثرن کي منهن ڏئي رهيو آهي. اها هڪ تلخ حقيقت آهي ته ماحولياتي تبديلي هاڻي ڪو پري تائين جو خطرو ناهي پر هڪ موجوده، غيرمنصفاڻي حقيقت بڻجي چڪو آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان عالمي سطح تي امن، سلامتي ۽ ترقي کي هٿي وٺائڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان جو اهو عزم رڳو بيانن تائين محدود ناهي پر ان جو عملي ثبوت پاڪستان جو دهشتگردي خلاف عالمي جنگ ۾ پهرين صف جو ڪردار ۽ گڏيل قومن جي امن مشنن ۾ اهم شرڪت آهي. هن چيو ته اڀرندي ۽ اتر اولهه سرحدن تي تازين جارحاڻين ڪارروائين باوجود پاڪستان بردباري، ذميواري ۽ تحمل جو مظاهرو ڪيو. اسان ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ۽ جامع ڳالهين جي آڇ به ڪئي پر امن هميشه ٻه طرفو روڊ آهي جنهن لاءِ سمورين ڌرين کي هڪجهڙو رويو اختيار ڪرڻو پوندو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ڏهاڪن تي ٻڌل پارلياماني تجربي کيس اها خاطري ڪرائي آهي ته جٽادار ترقي اڪيلائپ ۾ حاصل نٿي ڪري سگهجي. ترقي هڪ گڏيل ۽ مربوط عمل آهي، اهو ئي احساس هن عالمي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جو اصل مقصد آهي. هن چيو ته اتر ۽ ڏکڻ دنيا جو کنڊن وچ ۾ پارلياماني سهڪار وقت جي اهم ضرورت آهي ته جيئن گڏيل فائدن ۽ ترقي جي هدفن کي اڳيان وڌائي سگهجي. سينيٽ چيئرمين چيو ته اچو ته اسان واعدن کان اڳيان وڌون، حل تلاش ڪيون جيڪي جرئتمنداڻه، عملي ۽ گڏيل دانشمندي تي ٻڌل هجن. سينيٽ چيئرمين چيو ته پارليامينٽ نه رڳو دنيا ۾ امن ۽ ترقي جو سبب پر اعتماد جي معمار، اتفاق راءِ کي هٿي وٺائڻ ۽ عوام جو آواز آهي. هن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جا لفظ ورجايئيندي چيو ته قيادت اصل پنهنجي يقين جي طاقت، ڏکيائين جي مقابلي ۾ استقامت ۽ هڪ نظري کي هٿي ڏيڻ جي توانائي جو نالو آهي. جيڪي ماڻهو امن حاصل ڪندا آهن، اهي تعصب۽ عدم برداشت سامهون ڪڏهن به شڪست قبول ناهن ڪندا. هن چيو ته اچو ته هن ميڙاڪي کي يادگار بڻايون، هڪ اهڙي عزم طور جيڪو دنيا ۾ اميد، اتحاد ۽ قيادت جو نئون باب رقم ڪري. سينيٽ چيئرمين سمورن نمائندن لاءِ اسلام آباد ۾ خوشگوار قيام ۽ ڪانفرنس جي ڪامياب بندوبست جي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.











