قومي اسيمبلي ۾ 27هين آئيني ترميم سينيٽ مان منظور ٿيڻ کانپوءِ پيش

اسلام آباد -11 نومبر (اي پي پي) 27هين آئيني ترميم سينيٽ مان منظور ڪيل صورت ۾ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪئي وئي، جڏهن ته قانون ۽ انصاف واري وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي، ته سينيٽ مان منظور ڪيل آئيني ترميمن جي بل ۾ آئيني عدالت جو قيام، پاڻمرادو نوٽيس جي خاتمي، ججن جي هاءِ ڪورٽ جي سطح تي بدلين، فيلڊ مارشل جي عهدي کي تاحيات آئيني تحفظ ڏيڻ …

اسلام آباد -11 نومبر (اي پي پي) 27هين آئيني ترميم سينيٽ مان منظور ڪيل صورت ۾ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪئي وئي، جڏهن ته قانون ۽ انصاف واري وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي، ته سينيٽ مان منظور ڪيل آئيني ترميمن جي بل ۾ آئيني عدالت جو قيام، پاڻمرادو نوٽيس جي خاتمي، ججن جي هاءِ ڪورٽ جي سطح تي بدلين، فيلڊ مارشل جي عهدي کي تاحيات آئيني تحفظ ڏيڻ ۽ صدر مملڪت جو عهدو ڇڏڻ کان پوءِ ڇوٽ شامل آهي. ان تي هن ايوان ۾ ٿيل بحث کان پوءِ ان کي منظور ڪيو ويو. ان ۾ گهڻيون ترميمون ميثاق جمهوريت جي روح موجب آهن. قومي اسيمبلي ۾ بل پيش ڪرڻ کان پوءِ ان جا مقصد ٻڌائيندي هن ٻڌايو ته 26هين آئيني ترميم کان پوءِ ڪافي بحثن کان پوءِ ميثاق جمهوريت ۾ قوم سان ڪيل واعدي موجب آئيني عدالت جو قيام به شامل هو. مخالف ڌر جي چوڻ تي اسان آئيني بئنچن جي قيام تي اتفاق ڪيو ۽ ان کي منظور ڪيو. ججن جي مقرري سڄي دنيا ۾ عدليه، انتظاميه ۽ پارليامينٽ  گڏجي ڪندا آهن. 8 ميمبرن واري ڪميشن جي فيصلي کي به سنگل بئنچ تبديل ڪري ڇڏيو. اها ترميم پاس ٿي ته پوءِ به اعتراض ڪيا ويا. عدالت جو وقت 30 کان 40 سيڪڙو آئيني معاملن ۾ لڳو. هڪ آزاد آئيني عدالت تي سڀني جي راءِ ورتي وئي. مخالف پارٽين کان به وقتن بوقتن  صلاح مشورا ڪيا ويا. هن ۾ ان عدالت جي قيام جو فيصلو ٿيو. ان بل کي سينيٽ آف پاڪستان ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان منظور ڪيو آهي. اهو ميثاق جمهوريت جي روح موجب آهي. هن ٻڌايو ته چئني صوبن ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي به ان ۾ نمائندگي ڏني وئي آهي. هن ٻڌايو ته گڏيل ڪميٽي ۾ ان تي غور ٿيو، جتي ان اهم ۽ حساس معاملي ۾ پنهجي راءِ سان مخالف ڌر پاران نوازڻ گهرجي ها، پر ايئن نه ٿيو. جميعت علماءِ اسلام جي ميمبرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، پر ان کان پوءِ هنن پارٽي پاليسي تحت واڪ آئوٽ ڪيو. هن چيو ته پاڻمرادو نوٽيس سان ملڪ جي وزيراعظمن کي گهر ڀيڙو ڪيو ويو، معاشي نقصان کڻڻا پيا، ان کي سينيٽ پاران منظور ڪيل بل ۾ ختم ڪيو ويو آهي. ججن جي بدلين جي حوالي سان آرٽيڪل 200  تحت صدر مملڪت ڪنهن به هاءِ ڪورٽ مان جج جي ٻي هاءِ ڪورٽ ۾ بدلي ڪري سگهندو هو، جنهن جي بدلي جتي ٿيڻي آهي. ٻنهي هاءِ ڪورٽن جي چيف جسٽس، چيف جسٽس آف پاڪستان جي رضامندي سان اهي بدليون ٿينديون هيون. هاڻي بحث کان پوءِ ان آرٽيڪل ۾ ترميم ٿي آهي. جوڊيشل ڪميشن  کي مقرري ۽ ريگيولرائيزيشن ڪرڻ لاءِ ڪميشن کي بدلي جو اختيار ڏنو ويو آهي. جيڪڏهن ڪو ان بدلي کان انڪار ڪندو ته ان کي رٽائرڊ تصور ڪيو ويندو. فيصلو ٿي وڃڻ کان پوءِ 209 کان پوءِ، سپريم جوڊيشل ڪائونسل ان خلاف انڪار تي ڪارروائي ڪري سگهندي.  هن چيو ته آرٽيڪل 84  تحت آئيني عدالت جا اختيار اهي ئي هوندا جيڪي آئيني بئنچ وٽ هئا. 199 تحت هاءِ ڪورٽس ۾ رٽ پٽيشنز تي جاري آرڊرز جون حدون به آئيني عدالت کي منتقل ڪيون ويون آهن. التويٰ ۾ پيل فوجداري، ديواني، ٽيڪس سان سلهاڙيل ۽ ٻيا 6260  هزار ڪيس سپريم ڪورٽ ئي ٻڌندي.  سپريم ڪورٽ وٽ انهن ڪيسن کي ٻڌڻ لاءِ به وقت هوندو ۽ ڌيان به هوندو.  انهن ٻنهي عدالتن جي چيف جسٽس مان جيڪو سينئر هوندو اهو جوڊيشل ڪميشن جي صدارت ڪندو. هن ٻڌايو ته اهو ابهام ته سينئر چيف جسٽس ڪير هوندو ان کي به ان ترميم ۾ نظر هيٺ رکي حل ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته خيبر پختونخوا ۾ سينيٽ جي چونڊن ۾ دير ٿي جنهن جا مختلف سبب هئا، هڪ سال ٻن مهينن جي دير ٿي. سينيٽ جو عرصو 6 سال آهي، ان دير سان چونڊ ۽ عرصي جو تعين ڪيو ويو. آرٽيڪل 243 هٿياربند فوج جي سربراهن بابت آهي. مئي 2025ع ۾ پاڪستان تي پاڙيسري ملڪ بنا جواز حملا ڪيا.  قوم هڪ زبان ٿي هٿياربند فوج جو ساٿ ڏنو ۽ هڪ تاريخي ڪاميابي حاصل   ڪئي. ان جي پذيرائي سڄي دنيا ۾ ٿي، او آءِ سي، گلف، چين، سعودي عرب، ترڪيه، آذربائيجان اسان جو ساٿ ڏنو. آمريڪي صدر سميت دنيا جي ليڊرشپ اسان جي فوج جي ڪارڪردگي جي تعريف ڪئي. قوم جي بهادر سپوت چيف آف آرمي اسٽاف کي صلاح مشوري سان ان جي ڪارڪردگي، حڪمت عملي، بهادري تي فيلڊ مارشل جي اعزاز سان نوازيو ويو. ڀارت پاران پهلگام فالس فليگ تي پاڪستان تي حملي جو خدشو هو ان جو ڀرپور جواب ڏنو ويو.  هن ٻڌايو ته آرمي چيف جي مقرري وزيراعظم جي ايڊوائيز تي صدر مملڪت جي رضامندي سان ڪئي ويندي آهي.  فيلڊ مارشل هڪ تاحيات عهدو آهي، پارليامينٽ هڪ مقدس ادارو آهي، پاڪستان جي عوام جو اهو چونڊيل ايوان ئي قائد ايوان جي چونڊ ڪندو آهي. قومي هيروز کان ان قسم جا ٽائيٽل واپس وٺڻ جو اختيار ڪنهن به هڪ فرد جو ناهي پر اهو اختيار پارليامينٽ کي ڏنو ويو آهي ته هو جوائنٽ سيشن ۾ ان جو فيصلو ڪري. هن بڌايو ته صدر کي تاحيات ڇوٽ دنيا ۾ مليل آهي، ان ترميم کان پوءِ پاڪستان ۾ رٽائرمينٽ  کان پوءِ به ان کي اها ڇوٽ حاصل هوندي. اسان ان تي مشاورت ڪئي، منظوري ۾ ڪا به جلدبازي ناهي ڪئي. پوري ڪوشش ڪئي آهي ته اسان سڀني کي اعتماد ۾ وٺي هلون. گڏيل ڪميٽي ۾ ڪيترائي ڪلاڪ ان تي غور ويچار ڪيو ويو. 27هين ترميم مان 59 ترميمن ۾ اڪثريت آئيني آهي ان تي هن ايوان ۾ بحث ڪرايو ويو ۽ پوءِ ان کي منظِور ڪرايو ويو. هن اتحادي پارٽين جو شڪريو ادا ڪيو جن رهنمائي ۽ مدد ڪئي. هن مخالف ڌر کي گذارش ڪئي ته هو بردباري سان ان بحث ۾ حصو وٺي.

مزید خبریں