سامونڊي معاملن بابت وفاقي وزير پاران سينيٽر عرفان صديقي جي لاڏاڻي تي تعزيت

اسلام آباد -11 نومبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ سينيٽر عرفان صديقي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سامونڊي معاملن واري وزارت پاران جاري بيان موجب محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي، ته عرفان صديقي جو لاڏاڻو قومي سياست ۽ صحافت جو وڏو نقصان آهي، هو اصول پرست سياست، علم ۽ ادب جو …

اسلام آباد -11 نومبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ سينيٽر عرفان صديقي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سامونڊي معاملن واري وزارت پاران جاري بيان موجب محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي، ته عرفان صديقي جو لاڏاڻو قومي سياست ۽ صحافت جو وڏو نقصان آهي، هو اصول پرست سياست، علم ۽ ادب جو امين هو.  جنيد انوار چوڌري چيو ته عرفان صديقي جمهوريت ۽ قومي يڪجهتي لاءِ قدر جوڳيون خدمتون انجام ڏنيون. وفاقي وزير الله پاڪ کان مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ پونئرن جي صبر لاءِ دعا پڻ ڪئي.

مزید خبریں