اسلام آباد -11 نومبر (اي پي پي)بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ترڪيه جو وفد ترڪيه جي پارليامينٽ جي ميمبر علي ساهن جي سربراهي ۾ اسلام آباد هوائي اڏي تي پهچي ويو. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب گهانا جي پارليامينٽ جا وڌيڪ 3 ميمبر به ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد پهچي ويا. هوائي اڏي تي سينيٽ آف پاڪستان جي اعليٰ عهديدارن ٻنهي وفدن جي آجيان ڪئي. بين الپارلياماني …
بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ترڪيه جو وفد اسلام آباد پهچي ويو

مزید خبریں
اسلام آباد -11 نومبر (اي پي پي)بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ترڪيه جو وفد ترڪيه جي پارليامينٽ جي ميمبر علي ساهن جي سربراهي ۾ اسلام آباد هوائي اڏي تي پهچي ويو. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب گهانا جي پارليامينٽ جا وڌيڪ 3 ميمبر به ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد پهچي ويا. هوائي اڏي تي سينيٽ آف پاڪستان جي اعليٰ عهديدارن ٻنهي وفدن جي آجيان ڪئي. بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جي ميزباني سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي قائداڻين صلاحيتن ۽ دور انديشي جو مظهر آهي. اها ڪانفرنس مختلف ملڪن جي پارليامينٽ کي ويجهو آڻڻ ۽ بين الپارلياماني سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.











