بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ گهانا جو نائب اسپيڪر پهچي ويو

اسلام آباد -11 نومبر (اي پي پي)بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ گهانا جو نائب اسپيڪر اينڊريو آسياما آمواڪو اسلام آباد ايئرپورٽ تي پهچي ويو. گهانا جي پارليمينٽ جا اعليٰ عهديدار به ساڻس گڏ آهن. سينيٽ سيڪرٽريٽ مان جاري ڪيل بيان موجب سينيٽ آف پاڪستان جي اعليٰ عهديدارن سندن شاندار استقبال ڪيو. بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي قائداڻين صلاحيتن جو نتيجو آهي.ڪانفرنس مختلف ملڪن …

اسلام آباد -11 نومبر (اي پي پي)بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ گهانا جو نائب اسپيڪر اينڊريو آسياما آمواڪو اسلام آباد ايئرپورٽ تي پهچي ويو. گهانا جي پارليمينٽ جا اعليٰ عهديدار به ساڻس گڏ آهن. سينيٽ سيڪرٽريٽ مان جاري ڪيل بيان موجب سينيٽ آف پاڪستان جي اعليٰ عهديدارن سندن شاندار استقبال ڪيو. بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي قائداڻين صلاحيتن جو نتيجو آهي.ڪانفرنس مختلف ملڪن جي پارليمينٽ ميمبرن کي ويجهو آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ڪانفرنس سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي وسيع سوچ جو ثبوت آهي.ڪانفرنس 11 کان 12 نومبر 2025 ع تائين اسلام آباد ۾ جاري رهندي.