وزيراعظم پاران فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد- 10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائقي شوال ۽ دره آدم خيل ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي ان آپريشنز ۾ فتنه الخوارج جي 20 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي شاباس ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران سومر ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم چيو ته سيڪيورٽي فورسز …

اسلام آباد- 10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائقي شوال ۽ دره آدم خيل ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي ان آپريشنز ۾ فتنه الخوارج جي 20 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي شاباس ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران سومر ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم چيو ته سيڪيورٽي فورسز ملڪ جي حفاظت لاءِ شيهي جي ديوار وانگر بيٺيون آهن، پوري قوم سيڪيورٽي فورسز کي سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.