حيدرآباد-07 نومبر(اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ تعليمي سال 26-2025 لاءِ انڊر گريجوئيٽ ڊگري پروگرامن ۾ داخلا لاءِ درخواستون جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، يونيورسٽي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام۽ ان سان سلھاڙيل عمرڪوٽ ڪيمپس ۽ خيرپور ڪاليج آف ايگريڪلچر اينڊ مينيجمينٽ سائنسز ۾ انڊرگريجوئيٽ ڊگري پروگرامن ۾ داخلا لاءِ آن لائن داخلا فارم جمع ڪرائڻ جي آخري …
سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ تعليمي سال 26-2025 لاءِ انڊر گريجوئيٽ ڊگري پروگرامن ۾ داخلا لاءِ درخواستون جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ واڌ جو اعلان

مزید خبریں
حيدرآباد-07 نومبر(اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ تعليمي سال 26-2025 لاءِ انڊر گريجوئيٽ ڊگري پروگرامن ۾ داخلا لاءِ درخواستون جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، يونيورسٽي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام۽ ان سان سلھاڙيل عمرڪوٽ ڪيمپس ۽ خيرپور ڪاليج آف ايگريڪلچر اينڊ مينيجمينٽ سائنسز ۾ انڊرگريجوئيٽ ڊگري پروگرامن ۾ داخلا لاءِ آن لائن داخلا فارم جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 17 نومبر 2025 تائين وڌائي وئي آهي، جڏھن ته داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ ساڳي تاريخ23 نومبر 2025 تي ئي ورتي ويندي.











