سکر - 07 نومبر (اي پي پي) ڊي آءِ جي سکر رينج ڪيپٽن (ر) فيصل عبدالله چاچڙ جي سربراهي ۾ راونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڏوهارين خلاف جاري آپريشن دوران پوليس کي اهم ڪاميابي حاصل ٿي آهي.گذريل رات پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ ٿيل مقابلي ۾ خطرناڪ ڏوهاري شاهو ڪوش ولد منڊا ڪوش مارجي ويو، جنهن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي. پوليس ترجمان موجب، مارجي ويل ڏوهاري شاهو ڪوش …
راونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڏوهارين خلاف جاري آپريشن دوران پوليس کي اهم ڪاميابي حاصل ٿي آهي: ڊي آءِ جي سکر

مزید خبریں
سکر – 07 نومبر (اي پي پي) ڊي آءِ جي سکر رينج ڪيپٽن (ر) فيصل عبدالله چاچڙ جي سربراهي ۾ راونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڏوهارين خلاف جاري آپريشن دوران پوليس کي اهم ڪاميابي حاصل ٿي آهي.گذريل رات پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ ٿيل مقابلي ۾ خطرناڪ ڏوهاري شاهو ڪوش ولد منڊا ڪوش مارجي ويو، جنهن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي. پوليس ترجمان موجب، مارجي ويل ڏوهاري شاهو ڪوش سنڌ ۽ پنجاب پوليس کي درجنين سنگين وارداتن ۾ گهربل هو، جڏهن ته ان جي مٿان 50 لک رپين جو انعام مقررٿيل هو. شاهو ڪوش تي ضلع رحيم يار خان ۾ 12 پوليس اهلڪارن جي شهادت واري واقعي ۾ مرڪزي ڪردار جو الزام پڻ هو. ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته مارجي ويل ڏوهارين خلاف 30 کان وڌيڪ ڪيس مختلف ٿاڻن ۾ داخل هئا، جن ۾ قتل، اغوا ڀنگ، ڌاڙا، پوليس تي حملن ۽ دهشتگردي جا الزام شامل آهن.ڊي آءِ جي سکر رينج ڪيپٽن (ر) فيصل عبدالله چاچڙ چيو ته ڪچي جي علائقن ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن مڪمل شدت سان جاري آهي ۽ هي ڪاروايون انهن جي منطقي انجام تائين جاري رهنديون۔ هن وڌيڪ چيو آھي ته ٻين مارجي ويل ڏوهارين جي سڃاڻپ جو عمل پڻ جاري آهي ۽ پوليس ڪنهن به صورت ۾ امن دشمن عنصرن کي برداشت نه ڪندي۔واضح رهي ته سنڌ ۽ پنجاب جي دنگ تي واقع ڪچي جا علائقا ڊگهي عرصي کان ڏوهارين جي پناهه گاهه طور سڃاتا ويندا رهيا آهن پر پوليس جي تازين ڪاررواين سبب علائقي ۾ ڏوهاري گروپن جا حوصلا خطا ٿي ويا آهن.











