سنڌ ۾ ايس اي ايم آر ايس تحت تعليم کاتي ۾ مربوط ڊجيٽل پليٽ فارم متعارف

ڪراچي-06 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته (ايس اي ايم آر ايس) سامرس پهريون ڀيرو سنڌ ۾ ۽ پاڪستان جي ڪنهن به صوبي ۾ هڪ مربوط ڊجيٽل پليٽ فارم طور متعارف ٿيو آهي جيڪو شاگردن جي حاضري، اسڪول جي بنيادي ڍانچي، استاد جي ڪارڪردگي ۽ تعليمي نتيجن کي گڏ ڪري ٿو. وڏي وزير چيو هي صرف نگراني جو اوزار ناهي پر …

ڪراچي-06 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته (ايس اي ايم آر ايس) سامرس پهريون ڀيرو سنڌ ۾ ۽ پاڪستان جي ڪنهن به صوبي ۾ هڪ مربوط ڊجيٽل پليٽ فارم طور متعارف ٿيو آهي جيڪو شاگردن جي حاضري، اسڪول جي بنيادي ڍانچي، استاد جي ڪارڪردگي ۽ تعليمي نتيجن کي گڏ ڪري ٿو. وڏي وزير چيو هي صرف نگراني جو اوزار ناهي پر هڪ اهڙو نظام آهي جيڪو اسان کي مفروضن تي نه پر ڊيٽا جي بنياد تي فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت ڏئي ٿو. اهو اسان جي ٻارن کي درپيش چئلينجن جي سڃاڻپ ۽ تيزيءَ سان اثرائتو جواب ڏيڻ جي سهولت فراهم ڪري ٿو. اهڙو اظهار هن هڪ مقامي هوٽل ۾ شاگردن جي حاضري جي نگراني ۽ شڪايتن جي نظام (ايس اي ايم آر ايس) جو افتتاح ڪرڻ دوران ڪيو. وڏي وزير هن نظام کي هڪ جديد، تبديلي آڻيندڙ ۽ قومي سطح تي قابلِ نقل ماڊل قرار ڏنو جيڪو تعليم ۾ سڌارن لاءِ ٽيڪنالاجي ۽ ڊيٽا تي ٻڌل رٿابندي کي مرڪز ۾ رکندو آهي.وڏي وزير چيو ته (ايس اي ايم آر ايس) اڳ ۾ ئي 12 ضلعن ۾ 600 اسڪولن ۾ فعال آهي ۽ يونيسيف جي مدد سان 4 وڌيڪ ضلعن ۾ توسيع جاري آهي. هن چيو ته هي نظام صرف غيرحاضري جي نگراني لاءِ ناهي پر شاگردن جي اسڪول ڇڏڻ جي خطري جي اڳڪٿي ڪرڻ، مداخلت جون صلاحون ڏيڻ ۽ اسڪول جي انتظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ پڻ ڊزائين ڪيو ويو آهي. هن چيو هي هڪ اهڙو ماڊل آهي جنهن جي پيروي پاڪستان ڪري سگهي ٿو. اسان ان کي هڪ نئين پاليسي تحت مستحڪم ڪري رهيا آهيون جيئن ڊگهي مدي وارا فائدا، ملڪيت ۽ سنڌ جي تعليمي نظام سان ڳنڍڻ ممڪن ٿي سگهي. وڏي وزير ورلڊ بئنڪ، جي پي اي ۽ سڀني ترقياتي پارٽنرن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ، ريفارم سپورٽ يونٽ ۽ سليڪٽ پروجيڪٽ ٽيم جي نواڻ، محنت ۽ مستقل مزاجي جي تعريف ڪئي. وڏي وزير تعليم کي صحت، غذائيت ۽ ٻارن جي تحفظ سان ڳنڍڻ جي اهميت تي زور ڏنو ۽ ساٿين کي چيو ته (ايس اي ايم آر ايس) کي ٻارن جي حفاظتي ٽيڪا، صحت جي جاچ ۽ سماجي تحفظ جي نظام سان ڳنڍڻ جا امڪان ڳولين. هن چيو اسڪول صرف ڪلاس روم نه پر ٻارن جي ڀلائي ۽ ڪميونٽي جو اعتماد وڌائڻ جا مرڪز هجڻ گهرجن. وزير تعليم سيد سردار شاهه(ايس اي ايم آر ايس) کي گيم چينجر قرار ڏنو جنهن ۾ حاضري، ڪارڪردگي ۽ اسڪول جي بنيادي ڍانچي جو ڊيٽا هڪ ڊجيٽل ماحول ۾ گڏ ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته نادرا جي مدد سان شاگردن جي سڃاڻپ هاڻي سسٽم جي ٺاهيل آئي ڊي کان تصديق ٿيل بي فارم نمبر ڏانهن منتقل ٿي رهي آهي جيئن سنڌ جي هر ٻار کي ڳڻپ ۽ مدد ملي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته (ايس اي ايم آر ايس) استعمال ڪندڙ 99 سيڪڙو اسڪولن ۾ حاضري رپورٽ ڪئي وئي ۽ 92 سيڪڙو اسڪولن ۾ شڪايتن جو عمل لاڳو ڪيو ويو جيڪو شاگردن جي اسڪول ڇڏڻ جي شرح گهٽائڻ ۾ اهم قدم آهي. ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر مس بولورما آمگابازار چيو ته (ايس اي ايم آر ايس) ڪنهن ڊونر جو منصوبو ناهي پر سنڌ حڪومت پاران رٿابندي ٿيل آهي. هي صرف شاگردن جي حاضري جو نظام ناهي پر صوبائي حڪومت جو تعليم بهتر ڪرڻ جو عزم آهي. وڏي وزير ٻڌايو ته سليڪٽ پروجيڪٽ جنهن کي ورلڊ بئنڪ ۽ جي پي اي فنڊ ڪري رهيا آهن، ابتدائي درجن ۾ خواندگي وڌائڻ، تدريس جا طريقا تبديل ڪرڻ، موسم سان هڪجهڙائي رکندڙ اسڪول جو بنيادي ڍانچو ٺاهڻ ۽ (ايس اي ايم آر ايس) ذريعي شاگردن جي برقرار رهڻ جي شرح وڌائڻ تي ڌيان ڏئي ٿو. هي 154.7 ملين امريڪي ڊالر پروگرام 12 ضلعن ۾ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ خاص ڪري نياڻين ۾ تعليم جي کوٽ ۽ اسڪول ۾ حاضري بهتر ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. حڪومت (ايس اي ايم آر ايس) کي صوبي ۾ پکيڙڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن لاءِ ماهر استاد کان شروع ٿيندڙ تربيت جو سلسلو ڪلسٽر هيڊز ۽ سڀني سيٽلائيٽ اسڪولن تائين وڌايو ويندو. وڏي وزير چيو اهوئي طريقو آهي جنهن سان اسان نواڻ کي هڪ وراثت ۾ تبديل ڪريون ٿا. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي هر اصلاح اھا ٽيڪنالاجي نظام هجي يا بنيادي ڍانچي جا منصوبا، ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ آهي ته ڪو به ٻار پوئتي نه رهي. هن چيو اسان جو سنڌ جي ٻارن لاءِ عزم پختو آهي. هر ٻار کي موجود، مشغول ۽ ڪامياب هجڻ گهرجي. اهوئي مستقبل آهي جيڪو اسان گڏجي تعمير ڪري رهيا آهيون.تقريب جي پڄاڻي صوبائي حڪومت، ترقياتي ساٿين ۽ تعليمي اسٽيڪ هولڊرن پاران تعليم جي نظام کي مضبوط، جديد ۽ برابري بنيادن تي هلائڻ جي عزم سان ٿيو. ان کان اڳ وڏي وزير، وزير تعليم سيد سردار شاهه ۽ ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر مس بولورما آمگابازار (ايس اي ايم آر ايس) جو باقاعده افتتاح ڪمپيوٽر بٽڻ دٻائي ڪيو.تقريب ۾ وزير تعليم سيد سردار شاهه، ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر مس بولورما آمگابازار، يونيسيف، گلوبل پارٽنرشپ فار ايجوڪيشن ، ايشيائي ڊولپمينٽ بئنڪ ، برٽش ڪائونسل، جائيڪا، اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽرسي ڊپارٽمينٽ جا عملدار، تعليمي ماهر ۽ ترقياتي پارٽنر موجود هئا.

مزید خبریں