ڪراچي-06 نومبر (اي پي پي) سنڌ حڪومت شهري سيڪيورٽي کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ اهم قدم کڻندي پيپلز بس سروس ۽ اي وي ٽيڪسي سروس جي اندرين ۽ ٻاهرين ڪيمرائن کي سيف سٽي نيٽ ورڪ سان ڳنڍڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آھي. اطلاعات کاتي سنڌ پاران جاري ڪيل خبر موجب سنڌ جي سينيئر ۽ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته انٽيليجنٽ ٽرانسپورٽ سسٽم کي سيف سٽي پروجيڪٽ سان …
سنڌ حڪومت پاران پيپلز بس سروس ۽ اي وي ٽيڪسي سروس جي اندرين ۽ ٻاهرين ڪيمرائن کي سيف سٽي نيٽ ورڪ سان ڳنڍڻ جو فيصلو

مزید خبریں
ڪراچي-06 نومبر (اي پي پي) سنڌ حڪومت شهري سيڪيورٽي کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ اهم قدم کڻندي پيپلز بس سروس ۽ اي وي ٽيڪسي سروس جي اندرين ۽ ٻاهرين ڪيمرائن کي سيف سٽي نيٽ ورڪ سان ڳنڍڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آھي. اطلاعات کاتي سنڌ پاران جاري ڪيل خبر موجب سنڌ جي سينيئر ۽ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته انٽيليجنٽ ٽرانسپورٽ سسٽم کي سيف سٽي پروجيڪٽ سان ڳنڍڻ سان نه رڳو عوامي ٽرانسپورٽ جو نظام وڌيڪ محفوظ ٿيندو پر شهري علائقن ۾ سيڪيورٽي ۽ ٽريفڪ مينيجمينٽ به جديد طريقي سان بهتر بڻائي سگهبي. هن چيو ته ڪيمرائن جي ضم ٿيڻ کانپوءِ ڪراچي سميت ٻين وڏن شهرن ۾ سيڪيورٽي مانيٽرنگ، ٽريفڪ ڪنٽرول ۽ عوامي تحفظ جي قدمن ۾ نمايان سڌارا ايندا. شرجيل انعام ميمڻ ٻڌايو ته سنڌ حڪومت ڊسمبر ۾ جديد اي وي ٽيڪسي سروس شروع ڪرڻ لاءِ تيزيءَ سان قدم کڻي رهي آهي ته جيئن شهرين کي سستي، محفوظ ۽ ماحول دوست سفر جي سهولت فراهم ڪري سگهجي. ڪراچي ۾ سيڙپڪارن جي هڪ وفد سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ سيڙپڪارن اي وي ٽيڪسي منصوبي جي ڍانچي، چارجنگ اسٽيشنن جي قيام ۽ آپريٽنگ ماڊلز بابت تجويزون پيش ڪيون. ان موقعي تي ڳالهائيندي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾ جديد سفري نظام جي سخت ضرورت آهي، تنهنڪري حڪومت چاهي ٿي ته ڊسمبر تائين اي وي ٽيڪسي سروس شروع ڪئي وڃي، جيئن شهرين کي روايتي ٽرانسپورٽ جي مقابلي ۾ هڪ بهتر ۽ جديد متبادل ملي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته اي وي ٽيڪسي سروس گهٽ ڀاڙي ۾ آرامده ۽ محفوظ سفر جي سهولت فراهم ڪندي، جڏهن ته سيڙپڪارن لاءِ هي منصوبو هڪ پرڪشش موقعو ثابت ٿيندو. شروعاتي مرحلي ۾ هي سروس ڪراچي ۾ شروع ڪئي ويندي ۽ پوءِ ٻين وڏن شهرن تائين وڌائي ويندي. شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته عورتن لاءِ "پنڪ اي وي ٽيڪسي سروس” به متعارف ڪرائي پئي وڃي، ته جيئن عورت مسافرن کي محفوظ ۽ آرامده سفر مهيا ٿي سگهي. اي وي ٽيڪسي سروس ۾ جديد انٽيليجنٽ ٽرانسپورٽ سسٽم ۽ مانيٽرنگ ٽيڪنالاجي شامل ڪئي ويندي ۽ انهن ٽيڪسين جو انٽيليجنٽ ٽرانسپورٽ سسٽم سيف سٽي نيٽورڪ سان ڳنڍيو ويندو ته جيئن ڪارڪردگي، شفافيت ۽ حفاظت کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جٽادار ٽرانسپورٽ ۽ ماحولياتي سڌاري لاءِ نجي شعبي سان شراڪتداري کي انتهائي اھم سمجھي ٿي ۽ اي وي ٽيڪسي منصوبو نه صرف عوامي سهولت لاءِ، پر صوبي جي معاشي ترقي لاءِ به هڪ اهم قدم ثابت ٿيندو. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ڪنول نظام ڀٽو ۽ ٻيا عملدار پڻ شريڪ ھُئا.











