ڪراچي-05 نومبر (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي ملڪ ۾ سڀ کان پهرين 18 ورهين کان گهٽ عمر وارن ٻارن جي شادي تي پابندي وارو قانون پاس ڪيو جيڪو ٻارن جي حقن جي تحفظ ۽ عورتن جي بااختياري ڏانهن هڪ انقلابي قدم هو. اھڙو اظهار هن پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن ۽ يو اين ايف پي اي جي وفد سان ملاقات …
سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سان پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن ۽ يو اين ايف پي اي جي وفد جي ملاقات

مزید خبریں
ڪراچي-05 نومبر (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي ملڪ ۾ سڀ کان پهرين 18 ورهين کان گهٽ عمر وارن ٻارن جي شادي تي پابندي وارو قانون پاس ڪيو جيڪو ٻارن جي حقن جي تحفظ ۽ عورتن جي بااختياري ڏانهن هڪ انقلابي قدم هو. اھڙو اظهار هن پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن ۽ يو اين ايف پي اي جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ان کان اڳ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه ۽ ڊپٽي اسپيڪر انٿوني نويد پاران پنجاب اسيمبلي جي وفد جي سنڌ اسيمبلي اچڻ تي کين ڀليڪار ڪيو. ان موقعي تي پنجاب اسيمبلي جي ميمبر ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين سيد علي حيدر گيلاني جي اڳواڻي ۾ وفد سنڌ اسيمبلي جو دورو ڪيو ۽ کين قانون سازي، ڪميٽي نظام ۽ عملي لاڳو ٿيندڙ عملن بابت بريفنگ ڏني وئي. ڊپٽي اسپيڪر اينٿوني نويد چيو ته سنڌ اسيمبلي، گڏيل قومن جي آبادياتي فنڊ جي سهڪار سان ٻارن جي حقن، عورتن جي ترقي ۽ نوجوانن جي بااختياري لاءِ ڪيترائي عملي قدم کنيا آهن. عورتن جي ترقي واري صوبائي وزير شاهينه شير علي ۽ سنڌ وومين ڪميشن جي چيئرپرسن روبينه بروهي سان پاليسي فريم ورڪ، عمل درآمد ۽ آگاهي مهم بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پنجاب اسيمبلي جي ميمبر رانا محمد ارشد چيو ته اسان سنڌ اسيمبلي جي قانون سازيءَ کي ساراهيون ٿا. پنجاب ۾ وزيراعليٰ مريم نواز هدايت ڪئي آهي ته هر شادي لاءِ قومي سڃاڻپ ڪارڊ لازمي قرار ڏنو وڃي. وفد ۾ سيد علي حيدر گيلاني، احمر ڀٽي، ذوالفقار علي شاهه، سردار محمد اويس دريشڪ، شهباز احمد، عشرت اشرف ۽ سارا احمد شامل هئا، جڏهن ته پنجاب پارلياماني ڊولپمينٽ يونٽ مان عطاءُ الله اويس انجم، آصفه خان، قرت العين احسن ڀون، اسماءِ ناصر، سلطان دائود ۽ اسامه خاور غمن پڻ موجود هئا. يو اين ايف پي اي جي نمائندگي ڊاڪٽر گلنارا (ڊپٽي ريپريزنٽيٽيو) ڪئي، جن سان گڏ گولڊن موليلو، تانيا دراني، رينوڪا سوامي، مومنه اسد ۽ سرتاج عباسي پڻ موجود هئا. ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه سان گڏ صوبائي اسيمبلي ميمبر تنزيلا امِ حبيبه، هير سوهو، خيرالنساءِ مغل، ڪرن مسعود، فرح سهيل، ڊاڪٽر سڪندر شورو ۽ آصف موسيٰ پڻ موجود هئا. سنڌ اسيمبلي جي سيڪريٽري، جي ايم عمر فاروق ۽ ڊائريڪٽر جنرل سنڌ اسيمبلي عرفان احمد ميمڻ پڻ موجود هئا. اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه پاران پنجاب اسيمبلي ۽ يو اين ايف پي اي جي وفد کي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ويا، جڏهن ته ڊاڪٽر گلنارا پاران اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه ۽ ڊپٽي اسپيڪر کي سوينيئر پيش ڪيو ويو، پنجاب اسيمبليءَ مان آيل وفد پڻ اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه کي يادگاري شيلڊ پيش ڪئي. وفد سنڌ اسيمبلي جي ترقي پسند قانون سازي، خاص طور تي ”چائلڊ ميـرج ريسٽرينٽ ايڪٽ 2013“ بابت سکيا لاءِ ڪراچي آيو هو.











