سنڌ سرڪار پاران سڄي صوبي ۾ ٽائر ساڙڻ ۽ پائرو لائسز پلانٽن جي قيام ۽ عمل درآمد تي مڪمل پابندي لاڳو ڪرڻ بابت باضابطا نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي-05 نومبر (اي پي پي) سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ ٽائر ساڙڻ ۽ پائرو لائسز پلانٽن جي قيام ۽ عمل درآمد تي مڪمل پابندي لاڳو ڪرڻ بابت باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي اطلاعات کاتي پاران جاري ڪيل خبر موجب وڏي وزير جي ماحوليات بابت صلاحڪار دوست محمد راهمون واضح ڪيو ته پابندي جي منظوري 6 آڪٽوبر تي صوبائي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڏني وئي هئي، جنهن تحت …

ڪراچي-05 نومبر (اي پي پي) سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ ٽائر ساڙڻ ۽ پائرو لائسز پلانٽن جي قيام ۽ عمل درآمد تي مڪمل پابندي لاڳو ڪرڻ بابت باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي اطلاعات کاتي پاران جاري ڪيل خبر موجب وڏي وزير جي ماحوليات بابت صلاحڪار دوست محمد راهمون واضح ڪيو ته پابندي جي منظوري 6 آڪٽوبر تي صوبائي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڏني وئي هئي، جنهن تحت سنڌ ماحولياتي تحفظ واري اداري (سيپا) کي هدايت ڪئي وئي آهي ته صوبي ۾ قائم ڪيل سڀني ٽائر پائروليسس يونٽن جي اين او سي فوري طور تي رد ڪري. نوٽيفڪيشن موجب سڀني آپريٽرن کي پابند ڪيو ويو آهي ته اهي 30 ڏينهن اندر پنهنجون سڀئي سرگرميون مڪمل طور تي بند ڪن، ٻي صورت ۾ سنڌ ماحولياتي تحفظ ايڪٽ 2014 ۽ سنڌ ماحولياتي تحفظ واري اداري (غير معياري ٻارڻ/ٽائرن جي استعمال تي پابندي) رولز 2025ع تحت سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. سيڪريٽري ماحوليات زبير چنا چيو ته پابندي جي خلاف ورزي تي پلانٽن کي ضبط ڪرڻ، ڳرا ڏنڊ ۽ مستقل بندش جهڙيون سزائون لاڳو ڪيون وينديون. ٽائر ساڙڻ ۽ ناقص پائروليسس پلانٽس مان نڪرندڙ دونهون ۽ زهريلا ڪيميڪل هوا، زمين ۽ پاڻي جي وسيلن کي سخت گدلو ڪري چڪا آهن، جنهن جي ڪري سڄي صوبي ۾ ساهه، دل ۽ اعصابي بيمارين ۾ خطرناڪ اضافو ٿي رهيو آهي. سيپا جي رپورٽن موجب ٽائر پائروليسس جهڙي خطرناڪ عمل جي ڪري ماحولياتي گدلاڻ جي صورتحال تمام گهڻي سنگين ٿي چڪي آهي ۽ شهرين جي صحت سڌي طرح خطري ۾ آهي. تنهن ڪري عوامي مفاد ۾ سنڌ حڪومت ماڻهن کي محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ فوري طور تي هي قدم کنيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير جي ماحوليات بابت صلاحڪار دوست محمد راهمون هن فيصلي کي تاريخي ۽ عوام دوست قرار ڏيندي چيو ته حڪومت ڪنهن به صنعتي سرگرمي جي اجازت نٿي ڏئي سگهي جيڪا شهرين جي زندگين کي خطري ۾ وجهي. اسان جو مقصد نه رڳو گدلاڻ کي ڪنٽرول ڪرڻ آهي پر هڪ پائيدار ۽ صحتمند ماحولياتي نظام قائم ڪرڻ پڻ آهي، جتي ايندڙ نسلون به محفوظ طريقي سان رهي سگهن. دوست محمد راهمون هدايتون جاري ڪيون ته سڀئي لاڳاپيل ادارا پابندي تي فوري طور تي عمل درآمد کي يقيني بڻائين ۽ 30 ڏينهن جي عرصي کان پوءِ ڪا به نرمي نه ڏيکاري وڃي. ٽائر آئل، غير معياري غير محفوظ ٻارڻ جي استعمال، تيار ڪرڻ ۽ وڪري تي پڻ مڪمل پابندي هوندي.

مزید خبریں