سنڌ جي گورنر سان دائود يونيورسٽي جي نئين مقرر ٿيل وائيس چانسلر ڊاڪٽر نازلي حسين جي ملاقات

ڪراچي-04 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان دائود يونيورسٽي جي نئين مقرر ٿيل وائيس چانسلر ڊاڪٽر نازلي حسين گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ يونيورسٽي ۾ جاري تحقيق، غير نصابي سرگرمين سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر چيو ته صوبي ۾ اعليٰ تعليم کي هٿي وٺائڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي، اوهان جي تجربي سان تحقيقي ۽ …

ڪراچي-04 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان دائود يونيورسٽي جي نئين مقرر ٿيل وائيس چانسلر ڊاڪٽر نازلي حسين گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ يونيورسٽي ۾ جاري تحقيق، غير نصابي سرگرمين سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر چيو ته صوبي ۾ اعليٰ تعليم کي هٿي وٺائڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي، اوهان جي تجربي سان تحقيقي ۽ تعليمي ڪم ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. وائيس چانسلر اعليٰ تعليم کي زور وٺائڻ جي ڏس ۾ گورنر ڪامران خان ٽيسوري ويزن ۽ ڀرپور سهڪار تي ٿورا مڃيا.

مزید خبریں