سنڌ حڪومت پاڪستان ۾ حقن تي ٻڌل قانونسازيءَ ۾ اڳواڻي جو ڪردار ادا ڪيو آهي: سيد مراد علي شاهه

ڪراچي-04 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سندس حڪومت پاڪستان ۾ حقن تي ٻڌل قانونسازيءَ ۾ اڳواڻي جو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ مختلف سرڪاري کاتن ۽ ترقياتي ڀائيوارن سان گڏجي انهن قانونن جي اثرائتي عملداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائي رهي آهي. اھڙو اظهار هن گڏيل قومن جي آبادي فنڊ (يو اين ايف پي اي) پاران منظم ڪيل پنجاب جي پارلياماني …

ڪراچي-04 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سندس حڪومت پاڪستان ۾ حقن تي ٻڌل قانونسازيءَ ۾ اڳواڻي جو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ مختلف سرڪاري کاتن ۽ ترقياتي ڀائيوارن سان گڏجي انهن قانونن جي اثرائتي عملداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائي رهي آهي. اھڙو اظهار هن گڏيل قومن جي آبادي فنڊ (يو اين ايف پي اي) پاران منظم ڪيل پنجاب جي پارلياماني وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وڏي وزير وفد کي بريفنگ ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت صنفي برابريءَ جي واڌاري، ٻارن کي استحصال کان بچائڻ، عورتن کي سماجي ۽ معاشي طور با اختيار بڻائڻ لاءِ جامع قانوني ۽ اداري جاتي قدم کنيا آهن. هن چيو ته سنڌ سدائين حقن تي ٻڌل قانونسازيءَ ۾ اڳڀري رهي آهي ۽ حڪومت ڀائيوارن سان گڏجي انهن قانونن تي اثرائتو عملدرآمد يقيني بڻائي رهي آهي. ملاقات دوران وڏي وزير حڪومت جي گذريل ڏهاڪي جي اهم قانونسازيءَ تي روشني وڌي. هن ٻڌايو ته سنڌ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي ايڪٽ 2011 ٻارن جي تحفظ ۽ ڀلائي لاءِ هڪ باقاعده اداري جاتي نظام مهيا ڪري ٿو. سنڌ چائلڊ ميريجيز ريسٽرينٽ ايڪٽ 2013 تحت نابالغ شادين تي پابندي مڙهيل آهي، ته جيئن ننڍي ڄمار جي نياڻين کي جبري ۽ ابتدائي شادين کان بچائي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته ڊوميسٽڪ وائلنس (پروينشن اينڊ پروٽيڪشن) ايڪٽ 2013 عورتن، ٻارن ۽ ڪمزور ماڻهن کي هر قسم جي گهريلو تشدد کان بچائڻ لاءِ قانوني تحفظ فراهم ڪري ٿو ۽ ان ۾ رپورٽنگ، تحفظ ۽ انصاف جا اثرائتا طريقا مهيا ڪيا ويا آهن. وڏي وزير ٻڌايو ته سنڌ ڪميشن آن دي اسٽيٽس آف وومين ايڪٽ 2015 ذريعي هڪ قانوني ادارو قائم ڪيو ويو آهي، جيڪو عورتن جي سياسي، معاشي ۽ سماجي حقن جي واڌاري لاءِ ڪم ڪري ٿو ۽ قومي ۽ عالمي صنفي برابري جي واعدن تي عملدرآمد جي نگراني ڪري ٿو. ان سان گڏ عورت زرعي ورڪرز ايڪٽ 2019 تحت زراعت ۾ ڪم ڪندڙ عورتن کي باقاعده مزدور تسليم ڪيو ويو آهي، جن کي مناسب اجرت، بهتر ڪم جون حالتون ۽ سماجي تحفظ جون سهولتون حاصل ٿين ٿيون. پنجاب جي پارلياماني وفد سان ڳالهه ٻولهه دوران هندو شادين بابت به تفصيل سان ڳالهه ٻولهه ٿي. وڏي وزير ٻڌايو ته سنڌ حڪومت سنڌ هندو ميريج ايڪٽ 2016 پاس ڪيو جيڪو هندو برادري ۾ شاديءَ جي رجسٽريشن لاءِ قانوني فريم ورڪ مهيا ڪري ٿو ۽ اقليتي عورتن جي خانداني ۽ وراثتي حقن جي حفاظت کي يقيني بڻائي ٿو. سيد مراد علي شاهه چيو ته هي سڀئي قانون سنڌ جي هڪ ترقي پسند، شامل ۽ برابريءَ تي ٻڌل سماج جي ويزن جي عڪاسي ڪن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته صوبائي حڪومت قانونسازيءَ سان گڏ عملدرآمد لاءِ به آگاهي مهمون، تربيت ۽ سول سوسائٽيءَ سان گڏ گڏيل قومن جي ادارن سان ڀائيواريءَ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. وفد سنڌ حڪومت جي عورتن ۽ ٻارن جي تحفظ لاءِ ڪيل قدمن کي ساراهيو ۽ چيو ته سنڌ جا ڪيترائي قانون ٻين صوبن لاءِ ماڊل طور اختيار ڪري سگهجن ٿا. يو اين ايف پي اي جي نمائندن صنفي انصاف ۽ انساني حقن جي واڌاري لاءِ سنڌ حڪومت جي عزم جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته هي قدم پائيدار ترقي جي مقصدن سان هم آهنگ آهن، خاص طور هدف نمبر 5، جيڪو صنفي برابريءَ سان لاڳاپيل آهي. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي شرڪت ڪندڙن انساني حقن جي قانونسازيءَ تي بين الصوبائي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ يو اين ايف پي اي سان پاليسي ڊائيلاگ، فني سهڪار ۽ اداري جاتي صلاحيت وڌائڻ لاءِ گڏيل عزم جو اظهار ڪيو. وفد ۾ پنجاب مان آيل اسيمبلي ميمبرن ۾ علي گيلاني، احمر ڀٽي، رانا محمد ارشد، ذوالفقار علي شاهه، محمد اويس دريشڪ، شهباز احمد، ساره احمد، عشرت اشرف، پي ڊي يو جو عطاالله اويس، اسفا، سلطان دائود، اسامه خاور، پي ڊي يو، يو اين ايف پي اي جو ڊپٽي نمائندو ۽ ٻيا شامل هئا.

مزید خبریں