پاڪستان خوراڪ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ان عزم کي ورجائي ٿو ته ڪو به ٻار بُکيو نه سُمهي: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد - 16 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان حڪومت، قومي تحفظ خوراڪ ۽ تحقيق واري وزارت جي ذريعي صوبائي حڪومتن، عالمي تنظيمن ۽ نجي شعبي سان گڏجي موسمياتي تبديلين سان هم آهنگ زراعت، بهتر پاڻي ۽ زميني انتظام، مضبوط خوراڪ جي پهچ زنجيرن ۽ ڪمزور طبقن جي لاءِ سماجي تحفظ جهڙن قدمن تي ڀرپور ڪم ڪري رهي آهي. ايوان صدر جي پريس …

اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان حڪومت، قومي تحفظ خوراڪ ۽ تحقيق واري وزارت جي ذريعي صوبائي حڪومتن، عالمي تنظيمن ۽ نجي شعبي سان گڏجي موسمياتي تبديلين سان هم آهنگ زراعت، بهتر پاڻي ۽ زميني انتظام، مضبوط خوراڪ جي پهچ زنجيرن ۽ ڪمزور طبقن جي لاءِ سماجي تحفظ جهڙن قدمن تي ڀرپور ڪم ڪري رهي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري اهڙن خيالن جو اظهار خوراڪ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته 1979ع کان دنيا هر سال 16 آڪٽوبر کي خوراڪ جي عالمي ڏينهن جي طور تي ملهائي ٿي ته جيئن بُک جي خاتمي ۽ هر ماڻهو جي لاءِ محفوظ، متوازن ۽ غذائيت سان ڀرپور خوراڪ تائين پهچ جي اهميت کي اجاگر ڪري سگهجي، هن سال جو موضوع ”بهتر خوراڪ ۽ بهتر مستقبل جي لاءِ هٿن ۾ هٿ“ ان ڳالهه تي زور ڏي ٿو ته حڪومتن، آبادگارن، ڪميونٽيز ۽ ترقياتي حصيدارن جي وچ م اتحاد ۽ تعاون وقت جي اهم ضرورت آهي ته جيئن هڪ غذائي طور تي محفوظ دنيا جي جوڙجڪ ممڪن ٿي سگهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۾ زراعت معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهي ۽ ڪروڙين ماڻهن جي روزگار جو ذريعو آهي پر ان جي باوجود خوراڪ جي کوٽ ۽ غذائي کوٽ جهڙا سنگين مسئلا اڄ به درپيش آهن جن کي موسمياتي تبديلين، ٻوڏ ۽ خوراڪ جي وڌندڙ قيمتن وڌيڪ ڳنڀير بڻائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته اڄ به ڪيترائي خاندان صحت بخش خوراڪ جا خرچ برداشت ڪرڻ کان لاچار آهن ۽ ٻار گهٽ غذائيت جي اثرن کان متاثر ٿي رهيا آهن. صدر چيو ته ٻوڏ کان متاثر خاندانن جي لاءِ امدادي سرگرميون، خوراڪ جي زيان کي روڪڻ جا قدم ۽ زرعي پيداوار وڌائڻ جا پروگرام انهن ڪوششن جو اهم حصو آهن. هن چيو ته پاڪستان خوراڪ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ان عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو ته هو سمورن حصيدارن سان گڏجي اهو يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪندو رهندو ته ڪو به ٻار بُکيو نه سُمهي ۽ هر خاندان کي محفوظ، غذائيت سان ڀرپور ۽ سستي خوراڪ دستياب هجي. صدر چيو ته خوراڪ جو تحفظ رڳو حڪومت جي ذميواري نه آهي پر اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي، اچو اسان سڀ گڏجي بهتر خوراڪ ۽ روشن مستقبل طرف قدم وڌايون.

مزید خبریں