غذائي کوٽ جي خاتمي ۽ غذائي پيداوار جي تحفظ ۾ پهريون قدم آبادگار جي خوشحالي، معاشي آسودگي ۽ پيشيواراڻي صلاحيت ۾ اضافو آهي: وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خوراڪ جهڙي بنيادي ضرورت جي فراهمي جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته غذائي کوٽ جي خاتمي ۽ غذائي پيداوار جي تحفظ ۾ پهريون قدم آبادگار جي خوشحالي، معاشي آسودگي ۽ پيشيواراڻي صلاحيت ۾ اضافو آهي، زرعي شعبي جي ترقي ۽ آبادگارن جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، موسمياتي تبديلي سان نقصانن کان بچڻ …

اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خوراڪ جهڙي بنيادي ضرورت جي فراهمي جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته غذائي کوٽ جي خاتمي ۽ غذائي پيداوار جي تحفظ ۾ پهريون قدم آبادگار جي خوشحالي، معاشي آسودگي ۽ پيشيواراڻي صلاحيت ۾ اضافو آهي، زرعي شعبي جي ترقي ۽ آبادگارن جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، موسمياتي تبديلي سان نقصانن کان بچڻ جي لاءِ عالمي سطح تي گڏيل ۽ موثر ڪوششن جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب خوراڪ جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان عالمي دنيا سان هڪ آواز ٿي سڄي دنيا جي آبادگارن جي لاءِ خوراڪ جهڙي بنيادي ضرورت جي فراهمي جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو، خوراڪ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ نه رڳو ملڪي پر عالمي سطح تي ضروري قدم کڻڻ لازمي آهن، ڏهاڪن کان عالمي سطح تي هي ڏينهن ان ڏس ۾ ملهايو وڃي ٿو ته دنيا جي انسانن جي ڀلائي ۽ انساني بقاءَ جي لاءِ متوازن ۽ غذائيت سان ڀرپور خوراڪ جي فراهمي جي لاءِ گڏيل قدم ۽ موثر حڪمت عملي ٺاهي سگهجي. هن چيو ته خوراڪ جو عالمي ڏينهن هن سال ”بهتر مستقبل ۽ بهتر خوراڪ جي لاءِ گڏيل ڪوششون – هٿن ۾ هٿ“ جي عنوان سان ملهايو پيو وڃي. هي عنوان نه رڳو عالمي سطح تي پر ملڪن جي وچ ۾ پر سمورن طبقن بشمول آبادگار، عوام، حڪومتي نمائندن ۽ حڪومتي ادارن جي وچ ۾ وڌيڪ، مناسب ۽ غذائيت سان ڀرپور خوراڪ جي عوام تائين آساني سان پهچ ۽ فراهمي ۾ گڏيل تعاون کي اجاگر ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته زرعي شعبي جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ آبادگار جي ڀلائي پاڪستان حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، ڪنهن به ملڪ ۾ غذائي کوٽ جي خاتمي ۽ غذائي پيداوار جي تحفظ ۾ پهريون قدم  آبادگار جي خوشحالي، معاشي آسودگي ۽ پيشيواراڻي صلاحيت ۾ اضافي جو آهي. هن چيو ته فصلن جي پيداواير معيار ۽ تحفظ ۽ زرعي پيداوار جي وقت سر پهچ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وفاقي، صوبائي حڪومتون ۽ سمورا لاڳاپيل ادارا جامع ۽ موثر حڪمت عملي تي ڪم ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي جيڪي مشڪلاتون درپيش آهن انهن ۾ موسمياتي تبديلي جي ڪري فصلن جي غيريقيني پيداوار ۽ موسمياتي تبديلين جي ڪري فصلن جا نقصان شامل آهن، اهي نقصان خوراڪ جي کوٽ ۽ آبادگارن جي لاءِ معاشي مسئلن جو سبب بڻجن ٿا. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي دستياب ذريعن کي ڀرپور طريقي سان استعمال ۾ آڻيندي موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙي رهيو آهي جڏهن ته موسمياتي تبديلي جي وسيع پئماني ۽ هنگامي نقصانن کان بچڻ جي لاءِ عالمي سطح تي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل ۽ موثر ڪوششن جي ضرورت آهي. هن چيو ته تازي ٻوڏ جي ڏس ۾ پاڪستان ۾ فصلن جي پيداوار کي تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي جيڪو بنا ڪنهن شڪ جي زرعي پيداوار ۽ خوراڪ جي فراهمي کي متاثر ڪندو، ان نقصان جو ازالو ڪرڻ جي لاءِ حڪومت پرعزم آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ جي ڏينهن هڪ قوم جي حيثيت ۾ حڪومت ۽ عوام هڪ زبان ٿي ان ڳالهه جو وچن ڪريون ته اسان کي موسمياتي تبديلي جهڙن چئلينجن جو گڏجي مقابلو ڪرڻو آهي ۽ ملڪي زرعي پيداوار جي تحفظ، غذائي کوٽ جي خاتمي ۽ سمورن پاڪستانين جي لاءِ خوراڪ جي مناسب، متوازن ۽ معياري فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي حصي جو ڀرپور ڪم ڪرڻو آهي.

مزید خبریں