صدر پاران هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي ايجنسين کي خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي خراج تحسين پيش

اسلام آباد - 16 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي ايجنسين کي خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ”عزمِ استحڪام“ مهم تحت آپريشن پوري قوت سان جاري رهندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۽ بنون ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪارروايون فخر جوڳيون آهن. …

اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي ايجنسين کي خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ”عزمِ استحڪام“ مهم تحت آپريشن پوري قوت سان جاري رهندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۽ بنون ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪارروايون فخر جوڳيون آهن. سيڪيورٽي فورسز جي وقت سر ڪاررواين سان ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام جي صورتحال بهتر ٿي آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين آپريشنز جاري رکڻا پوندا. صدر آصف علي زرداري چيو ته رياست ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان کي پاڙ کان پٽي ڇڏيندي. ”عزمِ استحڪام“ مهم تحت آپريشن پوري قوت سان جاري رهندو. هن چيو ته قوم پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي ۽ هر قسم جي دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائيندي.

مزید خبریں